اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڀارت 5 آگسٽ کان والاريل ڄمون ۽ ڪ??مير ۾ غير قان??ني گهيراءُ ڪري ڪشميري عوام جا انساني حق پائمال ڪري رهيو آهي، ڀارت جي ان قدم والاريل ڄمون ۽ ڪ??مير ۾ انساني الميو پيدا ڪري ڇڏيو آهي، خوراڪ ۽ زندگي بچائيندڙ دوائن جي سخت کوٽ آهي، جڏهن ته مواصلاتي رابطا به ڪٽيل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن آسي??ن جي پارليامينٽ ميمبرن جي 18 رڪني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ملائيشيا جي مشاورتي ڪائونسل آف اسلامڪ آرگنائيزيشن (ايم اي پي آءِ ايم) جي صدر حاجي محمد اع??ميٰ حامد جي سربراهي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.