اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ روس لاڳاپن کي ??ضب??ط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل قومن ۽ شنگهائي تعاون تنظيم ۾ گهڻ رخي ??ورمز تي رابطاڪاري جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي ??نهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته روسي فيڊريشن جي وزيراعظم ميخائل مشوستن سان انتهائي اهم ملاقات ٿي، اسان واپار ۽ اقتصادي تعاون کي ??ڌائڻ تي ڌيان ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پاڪ روس لاڳاپن کي ??ضب??ط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته ملاقات دوران علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي ??ڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسان گڏيل قومن ۽ شنگهائي تعاون تنظيم سميت گهڻ رخي ??ورمز تي رابطاڪاري جاري رکڻ تي ??ڻ اتفاق ڪيو.