لاهور – 12 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فاطمه جناح انسٽيٽيوٽ آف ڊين??ل سائنسز لاهور جو دورو ڪيو ۽ اس??تال ۾ جاري تعميراتي ڪمن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي پن??اب جو وڏو وزير چوڌري پرويز الاهي به ساڻس گڏ هو. صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد ۽ اس??تال جو پراجيڪٽ ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر وحيد، صدر ۽ پن??اب جي وڏي وزير جي آجيان ڪئي. ڊاڪٽر ياسمين راشد صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ پن??اب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کي اس??تال ۾ جاري تعميراتي ڪمن بابت بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته ا?? پراجيڪٽ جي لاءِ 100 ڪينالن تي ٻڌل ڊينٽل اس??تال جي لاءِ 2005ع ۾ زمين خريد ڪئي وئي. پراجيڪٽ ڊائريڪٽر پروفيسر وحيد ٻڌايو ته اس??تال جي تعميراتي ڪمن جي شروعات 2010ع ۾ ٿي. هن ٻڌايو ته هن وقت ا?? پراجيڪٽ جي لاڳت جو ڪاٿو 347.358 ملين لڳايو ويو هو، جڏهن ته 30 جون 2022ع تائين ان منصوبي تي 673.390 ملين خرچ ڪيا ويا آهن. پروفيسر ڊاڪٽر وحيد ٻڌايو ته ٿري ڊي اس??تال جديد اوزارن ۽ سهولتن سان ليس هوندي ۽ ان کي تمام جلد مڪمل ڪيو ويندو. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اس??تال ۾ جاري تعميراتي ڪمن کي جلد مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن عوام ان جديد ٿري ڊي اس??تال جي سهولتن مان فائدو کڻي سگهي.