اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان هلندڙ سال دوران پنهنجي ويجه?? حصيدارن ۽ دوستن سان مضبوط رابطن ج?? پاليسي جاري رکي، پاڪستان چين، ترڪيه، سعودي عرب ۽ وسيع تر اسلامي دنيا سان پنهنجي روايت?? حصيداري کي مضبوط ڪيو، اهي لاڳاپا گڏيل اعتماد ۽ دوستي تي ٻڌل آهن ۽ مضبوط ڳالهه ٻولهه ۽ ٻطرفن دورن ج?? مٽاسٽا جي روايت جي خصوصيت رکن ٿا. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته سال 2024ع پاڪستان ۽ چين ج?? وچ ۾ روايتي گرمجوشي ۽ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جو عڪاس رهيو، وزيراعظم محمد شهبا?? شريف جون ۾ چين ج?? سرڪاري دورو ڪيو جڏهن ته چين ج?? وزيراعظم لي ڪيان آڪٽوبر ۾ پاڪستان ج?? دورو ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين مئي 2024ع ۾ بيجنگ ۾ پاڪ چين پرڏيهي وزيرن ج?? پنجون اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ پڻ منعقد ڪيو، انهن اعليٰ سطحي دورن ۽ مٽاسٽا جي دوران ٻنهي ملڪن پاڪ چين آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي وڌيڪ مضبوط ۽ وڌائڻ ۽ سي پيڪ تي خاص ڌيان سان گڏ اسٽريٽجڪ شعبن ۾ عمل?? تعاون کي فروغ ڏيڻ تي وسيع اتفاق راءِ طئي ٿيو. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ جي سي سي ملڪن ج?? وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن ج?? مضبوط مٽاسٽا ٿي، وزيراعظم محمد شهبا?? شريف سعودي عرب جا چار سرڪاري دورا ڪيا جنهن سان اسان ج?? اسٽريٽجڪ ۽ اقتصاد?? حصيداري وڌيڪ مستحڪم ٿي، سعودي عرب سان سياسي، سيڪيورٽي ۽ اقتصادي شعبن ۾ اهم مفاهمتون طئي ٿيون ج??هن ۾ وزيراعظم پاڪستان ۽ شهزاده محمد بن سلمان ج?? وچ ۾ طئي ٿيندڙ 5 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري پئڪيج جي ڪمٽمينٽ کي تيز ڪرڻ شامل آهي. هن چيو ته واپار ۽ سيڙپڪاري جا موقعا به ڪويت، قطر ۽ گڏيل عرب امارات سان اسان ج?? ٻطرفي مصروفيتن ج?? هڪ اهم مرڪز رهيا آهن. ترجمان چيو ته انهن ملڪن سان توانائي، کاڻين ج?? کوٽائي ۽ هوابازي جي شعبن ۾ تعاون کي ترجيح ڏني ويندي.