اسلام آباد – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان – يورپي يونين گڏيل ڪميشن جو اجلاس 21 نومبر تي ??سلام آباد ۾ ٿيو، ڳالهه ٻولهه ۾ تازي سياسي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو جنهن ۾ پاڪستان جي چونڊ عمل (8 فيبروري جي پارلياماني چونڊن) ۽ يورپي يونين جي (6 – 9 جون جي يورپي پارليامينٽ جي چونڊن ۽ نئين ڪاليج آف ڪمشنرز جي جاري جوڙجڪ) شامل آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ب??ان موجب 14هين پاڪستان يورپي يونين جوائنٽ ڪميشن کانپوءِ گڏيل پريس ريليز ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ يورپي يونين پنهنجي تعاون ۽ پائيدار مصروفيت جي اهميت کي تسليم ڪيو خاص طور تي واپار، لڏپلاڻ، انساني حقن، سياسي، اقتصادي ۽ ترقياتي ??عاون جهڙن شعبن ۾ گلوبل گيٽ وي حڪمت عملي تي ڌ??ان ڏنو ويو. ڌرين خوراڪ، توانائي جي تحفظ ۽ موسمياتي ??بديلي جي اڀرندڙ چئلينجز تي ??عاون جاري رکڻ تي ??تفاق ڪيو. پاڪستان – يورپي يونين جي جمهوريت، گورننس، قانون جي حڪمراني ۽ انساني حقن تي ??يلي گروپ جو اجلاس پڻ ٿيو. گڏيل ڪميشن کان اڳ 19 نومبر 2024ع تي ??مهوريت، گورننس، قانون جي حڪمراني ۽ انساني حقن تي ??يلي گروپ قائم ڪيو ويو هو ۽ ان جي گڏيل صدارت پرڏيهي وزارت ۽ يورپي ايڪسٽرنل ايڪشن سروس جي وچ ۾ ڪئي وئي هئي. ڌرين پاڪستان ۽ يورپي يونين ۾ چونڊن کانپوءِ ٿيندڙ سياسي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. انهن چونڊ عمل کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ مسلسل ڪوششن جي ضرورت تي ??تفاق ڪيو. يورپي يونين سياسي تڪثيريت، جمهوري قدرن، آزاد ميڊيا، متحرڪ سول سوسائٽي، عدالتي ??زادي ۽ انساني حقن جي عالمي معيارن جي اهميت جو ورجاءُ ڪيو جيڪي جمهوري چونڊن جي لاءِ اهم حيثيت رکن ٿا. ڌرين عورتن ۽ ٻارن جي حقن، مزدور ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي حقن سان گڏوگڏ بنيادي آزادين، جهڙوڪ اظهار راءِ جي آزادي ۽ غلط معلومات جي وڌندڙ مسئلي سميت سمورن انساني حقن جي تحفظ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستان پنهنجي سڌاراجاتي ??يجنڊا پيش ڪئي جنهن ۾ انساني حقن جي قومي ايڪشن پلان جي فريم ورڪ، ڪاروبار ۽ انساني حقن تي قومي ايڪشن پلان سان گڏوگڏ جي ايس پي پلس بابت 27 عالمي ڪنوينشنز کي مڪمل لاڳو ڪرڻ جي لاءِ قدم شامل آهن. پاڪستان ۽ يورپي يونين مذهب يا عقيدي جي آزادي ۽ اقليتن ۽ ڪمزور گروهن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي حقن ۽ مسلم مخالف نفرت بابت خدشن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڌرين انهن گڏيل خدشن تي ڳالهه ٻولهه جاري رکڻ جي اهميت جو ورجاءُ ڪيو. يورپي يونين موت سزا جي خاتمي تي پنهنجي موقف جو ورجاءُ ڪيو ۽ رحم جي درخواست جي اصلاحي عمل کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت تي ??ور ڏنو. گڏيل ب??ان موجب واپار تي پاڪستان – يورپي يونين جي ذيلي گروپ جو اجلاس پڻ گڏيل ڪميشن کان اڳ ٿيو. اهو اجلاس 20 نومبر تي واپار واري وزارت ۽ يورپي ڪميشن جي ڊي جي واپار جي وچ ۾ منعقد ٿيو. گڏيل ب??ان موجب يورپي يونين پاڪستان جو ٻيو سڀ کان وڏو واپاري پارٽنر آهي جنهن جي جنرلائزڊ اسڪيم آف پريفرنسز پلس (جي ايس پي پلس) ج انتظام ٻطرفي واپار جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، پاڪستان – يورپي يونين جي ذيلي گروپ آن ٽريڊ اجلاس دوران مختلف موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ڌرين هڪ مضبوط گهڻ رخي واپاري نظام جي اهميت کي تسليم ڪيو ۽ (ڊبليو ٽي او)، گهڻ رخي ۽ ٻطرفي سطحن تي ??ازي اڳڀرائي تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي. پاڪستان ۽ يورپي يونين جي ٻطرفي واپاري لاڳاپن تي پڻ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جنهن ۾ ٻنهي طرفن جي لاءِ مارڪيٽ تائين پهچ جي چئلينجز سميت ڪيترن ئي موضوعن جو احاطو ڪيو ويو. مخصوص دلچسپي جي ٻين شعبن ۾ جي ايس پي پلس جي لاڳو تي ??عاون نما??ان هو. گڏيل ب??ان موجب ڌرين تسليم ڪيو ته 2014ع ۾ جي ايس پي جو درجو ملڻ کانپوءِ ٻطرفي واپاري لاڳاپن ۾ نما??ان اڳڀرائي ٿي آهي. يورپي يونين پاڪستان کي يورپي يونين جي ريگيوليٽري فريم ورڪ جي تعميل ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ايندڙ قانونسازي جي اڳڀرائي بابت معلومات فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پاڪستان ۽ يورپي يونين پائيدار ترقي ۽ واپاري ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ مسلسل تعاون جي اهميت جو ورجاءُ ڪيو. گڏيل ب??ان موجب پاڪستان يورپي يونين جي ترقياتي ??عاون بابت ذيلي گروپ جو اجلاس پڻ منعقد ٿيو. ترقي جي ذيلي گروپ جو اجلاس 20 نومبر تي ??قتصادي معاملن واري وزارت ۽ يورپي ڪميشن جي عالمي حصيداري جي ڊي جي جي وچ ۾ ٿيو. پاڪستان ۽ يورپي يونين جاري گهڻ رخا ساليانا اشارا پروگرام (ايم آءِ پي) تحت اهم ترجيحي شعبن جي مسلسل هڪ جهڙائي تي ??تفاق ڪيو جن ۾ گرين جامع تري، هيومن ڪيپيٽل ۽ گورننس بشمول قانون جي حڪمراني ۽ انساني حق شامل آهن. اهي ترجيحون قومي ترقي جي ايجنڊا ۽ پاڪستان حڪومت جي ترقياتي ??رجيحن سان چڱي طرح هم آهنگ آهن. ان ڏس ۾ پاڪستان ٽيم يورپ جي موقف ۾ پاڪستان جي ريزيلينٽ بحالي سميت بحالي ۽ نئين سر تعمير جي فريم ورڪ جي لاءِ يورپي يونين جي مسلسل حمايت جي آج??ان ڪئي. يورپي يونين ايم آءِ پي جي وچولي مدي جائزي کانپوءِ 2025 – 2027ع جي مدي جي لاءِ منصوبن جا تفصيل پيش ڪيا ۽ يورپي يونين جي پاليسي فريم ورڪ ۽ گلوبل گيٽ وي تي ??پ ڊيٽ ڪيو ويو. پاڪستان سيپٽمبر 2024ع ۾ ٿيندڙ يورپي انويسٽمينٽ بئنڪ جي پاڪستان ۾ تازي دوري کي ساراهيو ۽ نئين سيڙپڪاري جي نشاندهي ڪري گلوبل گيٽ وي جي فريم ورڪ ۾ مصروفيت کي وڌائڻ جي موقعي تي ??تفاق ڪيو. يورپي يونين گرين ۽ صاف توانائي جي ترقي جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت جو اظهار ڪيو. ڌرين علائقائي پروگرامن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ علائقائي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ان جي اهميت کي تسليم ڪيو. گورننس ۽ قانون جي حڪمراني جي شعبي ۾ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ سول سوسائٽي جي اهم ڪردار سان گڏوگڏ گلوبل گيٽ وي سيڙپڪاري جي فروغ ۽ سازگار ماحول جي لاءِ تعاون (عوامي مالياتي ??نتظام، قانون جي حڪمراني) تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گڏيل دلچسپي جي ٻين مسئلن جو ذڪر ڪندي گڏيل ب??ان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته پاڪستان ۽ يورپي يونين 2019ع ۾ صحيحون ڪيل پاڪستان – يورپي يونين اسٽريٽجڪ انگيجمنٽ پلان جي لاءِ پنهنجي وابستگي جو ورجاءُ ڪندي پنج سالن کانپوءِ ان جي لاڳو جي حالت جو جائزو ورتو. پاڪستان ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ تجويزون پيش ڪيون جن ۾ زراعت، ٽيڪس لڳائڻ ۽ آفتن جي خطري ۾ گهٽتائي جي لاءِ اضافي شعبن ۾ تعاون وڌايو ويو. گڏيل ڪميشن پاڪستان – يورپي يونين جي جامع مائيگريشن اينڊ موبلٽي ڊائيلاگ جي ڏس ۾ گڏيل واعدن تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي. يورپي يونين ڪيترن ئي ڏهاڪن دوران افغان پناهگيرن جي ميزباني ۾ پاڪستان جي فراخدلي کي ساراهيو ۽ پاڪستان ۾ رهندڙ افغان شهرين جي پروف آف رجسٽريشن ڪارڊز ج?? مدو 30 جون 2025ع تائين وڌائڻ جي فيصلي جي آج??ان ڪئي. ب??ان موجب پاڪستان ۽ يورپي يونين دهشتگردي جي خاتمي ۽ منشيات جي خاتمي سميت سلامتي ??ي معاملن تي ??لائقائي تعاون جي اهميت کي تسليم ڪيو، پاڪستان علائقائي اڳڀرائي بابت ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن ۽ انساني صورتحال تي پنهنجي گهري ڳڻتي ??و اظهار ڪيو. پاڪستان غزه ۾ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي ۽ والاريل عرب علائقن ۾ اسرائيلي فوجين جي مڪمل انخلا جو پڻ مطالبو ڪيو. يورپي يونين غزه ۾ فوري جنگبندي، سمورن يرغمالين جي غيرمشروط آزادي ۽ انساني امداد تائين فوري ۽ بنا روڪ ٽوڪ جي پهچ ۽ ورڇ نيز گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 2735 موجب د??من?? جي پائيدار خاتمي جي اپيل جو ورجاءُ ڪيو، پاڪستان ۽ يورپي يونين عالمي قانون جي اصولن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جو مڪمل احترام ڪندي سمورن تڪرارن جو پرامن حل ڳولڻ جي ضرورت تي ??ور ڏنو. گڏيل ڪميشن جي گڏيل صدارت اقتصادي معاملن واري سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم نياز ۽ ايشيا ۽ پيسفڪ يورپي ايڪسٽرنل ايڪشن سروس واري ڊپٽي مئنيجنگ ڊائريڪٽر پاولا پامپالوني ڪئي. يورپي يونين پاڪستان جوائنٽ ڪميشن جو ايندڙ اجلاس 2025ع ۾ برسلز ۾ منقعد ڪرڻ تي ??تفاق ڪيو ويو.