اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ملڪ ۾ چونڊ نظام جي جينڊر شموليت لاءِ هڪ جامع فريم ورڪ جو اعلان ڪيو آهي. جينڊر ۾ اسٽريمنگ اينڊ سوشل انڪلوزن فريم ورڪ (??ي ايم ايس آءِ ايف) 2024ع کان 2028ع تائين عمل جوڳو هوندو. اڱاري ڏينهن اليڪشن ڪميشن طرفان جاري بيان موجب اليڪيشن ڪميشن جي سيڪريٽري عمر حميد خ??ن ان موقعي تي چيو ته هي فريم ورڪ ايشيا پيسفڪ خطي ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون منصوبو آهي جيڪو چونڊ عمل ۾ مڪمل جينڊر ۽ سماجي شموليت تي ٻڌل آهي. ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل جينڊر ونگ نگهت صديق وضاحت ڪئي ته ان منصوبي جو بنيادي مقصد عورتن، اقليتن، معذور ماڻهن ۽ کدڙن فقيرن لاءِ چونڊ عمل کي وڌ کان وڌ شموليتي ۽ پهچ تائين بڻائڻ آهي. ان فريم ورڪ ۾ چونڊ قانونن، پاليسين، طرز عمل جي جائزي ۽ ترميمن وارا قدم شامل آهن. ان لاءِ اڪيڊيميا، پارليامينٽ، اليڪشن ڪميشن جي عملي ۽ عورتن جي سياسي حقن بابت تن??يمن سان وسيع پيماني تي صلاح ڪئي وئ?? آهي. اها ڳالهه ذڪر جوڳ?? آهي ته پاڪستان ۾ ڪل ووٽرن ۾ عورتن جو انگ 46 سيڪڙو آهي. اليڪشن ڪميشن جو مقصد پنهن??ي انتظامي ڍانچي ۾ جينڊر ۽ سماجي شموليت ??ي اصولن کي مضبوط ڪرڻ آهي. ڪنٽري ڊائريڪٽر آءِ ايف اي ايس شبير احمد ان اهم قدمن تي اليڪشن ڪميشن کي مبارڪون پيش ڪيون.