مظفر ڳڙهه -04 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته زراعت پاڪستاني معيشت ۾ ڪرنگهي واري حيثيت رکي ٿي، حڪومت ان جي ترقي لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي. اهڙو اظهار هن مظفر ڳڙهه ۾ سيمسن زرعي ??ارم جي دو??ي دو??ان ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت زراعت کي هٿي ڏيڻ لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي. زراعت پاڪستاني معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي وارو درجو رکي ٿي. سينيٽ چيئرمين زرعي ??ارم ۾ سينٽرل پيوٽ سسٽم (Central Pivot System) جو به افتتاح ڪيو. اهو سسٽم 210 ايڪڙن ت?? مشتمل ان فارم جي پيداوار ۾ اضافي لاءِ ڪم ايندو. يوسف رضا گيلاني فارم ۾ ٻوٽو لڳايو ۽ دعا ڪئي. ان موقعي تي ڪنسلٽنٽ ڊائريڪٽر شاهد احمد خان ۽ بئريسٽر ??نصور شاهه کيس فارم جي باري ۾ بريفنگ ڏني، ان موقعي تي مظفر ڳڙهه ڪوٽ ادو ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر سيد منور عباس، ڊي پي او ۽ انتطاميه جا ٻيا آفيسر به موجود هئا.