اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ايشيائي ??رق??اتي بئنڪ طرفان پاڪستان کي مالي مدد جي فراهميءَ کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو آهي. هن اها ڳالهه ايشيائي ??رق??اتي بئنڪ جي وفد سان ملاقات ۾ چئي. وفد جي اڳواڻي ايشيائي ??رق??اتي بئنڪ جي سينيئر ڊائريڪٽر طارق ايڇ نيازي ڪئي. ان موقعي تي ايشيائي ??رق??اتي بئنڪ جي پاڪستان ۾ رهندڙ ڪنٽري ڊائريڪٽر اينافن ۽ ان جي ٽيم به موجود هئي. ملاقات دوران طارق ايڇ نيازي ناڻي واري وزير کي ايشيائي ??رق??اتي بئنڪ جي عوامي ش??بي جي انتظام ۽ بهتر حڪمراني لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته قدمن جو مقصد ڪلي معيشت ۽ مالياتي انتظام کي بهتر بڻائڻ آهي. هن چيوته بئنڪ اُسرندڙ ملڪن کي پاليسي ۽ اداره جاتي صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ ۾ به معاونت فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته ايشيائي ??رق??اتي بئنڪ تحت پاڪستان ۾ اقتصادي سڌارن، سماجي ۽ اقتصادي ??رق??ءَ لاءِ منصوبا غور هيٺ آهن. ان منصوبن ۾ خاص طور تي پاليسي ۽ انتظامي سڌارا، ايف بي آر جي ڊجيٽلائيزيشن، عوامي ۽ نجي حصيدارين، موسمياتي تبديلي، پاليسيءَ تي ٻَڌل ضمانتون، مالي ۽ بجيٽ جي معاونت، غربت جي خاتمي لاءِ امداد ۽ پينشن سڌارن جي لاءِ فني معاونت شامل آهي. ناڻي واري وزي?? بئنڪ طرفان پاڪستان کي فراهم ڪيل مالي ۽ فني معاونت جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته بئنڪ جي سهڪار جي ش??بي پاڪستان جي ??رق?? جي ضرورت سان هم آهنگ آهن. هن بئنڪ طرفان موسمياتي لچڪ کي بهتر بنائڻ ۽ حڪومت ۽ پينشن سڌارن جي ايجنڊا کي اڳ??ان وڌائڻ ۾ معاونت کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو.