اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان شام ۽ ا??جي??يا جي سفيرن ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي و?? ٿي. ڪالهه جاري ڪيل بيان موجب اسپيڪر چيو ته پاڪستان ۽ شام وچ ۾ تاريخي ڀاراڻا لاڳاپا موجود آهن، ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ گهري ثقافتي، مذهبي ۽ تاريخي وابستگي ڏٺي وڃي ٿي. پاڪستان شام سان لاڳاپن کي وڌائڻ جو خواهشمند آهي. قومي اسيمبليءَ جي اسيپڪر چيو ته پارلياماني سفارتڪاري ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ پارلياماني و??دن جي مٽاسٽا سان عو??مي سطح تي رابطن ۾ واڌ ٿيندي. اسپيڪر شام ۾ امن جي قيام ۽ نئين سر تعمير لاءِ پاڪستان جي حمايت جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو ۽ـ چيو ته پاڪستاني زيارتين جو وڏو انگ هر سال زيارت لاءِ شام جو سفر ڪري ٿو. پاڪستاني زيارتين کي سهولتن جي فراهميءَ تي شام جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورائتا آهيون. اسپيڪر دمشق ۽ لاهور وچ ۾ سيرين ايئرويز جي اُڏامن کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو آهي. شام جي سفير چيو ته شام پاڪستان سان پنهنجن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. شام جي حڪومت پاڪستان سان لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي، ش??مي سفير ڊاڪٽر رميز الرائي چيو آهي ته خطي ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ پاڪستان جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. ڪووڊ 19 جي وبا دوران پاڪستان طرفان شام جي ضروري طبي اوزارن ۽ دوائن جي فراهميءَ تي پاڪستان حڪومت ۽ عوام جو ٿورائتو آهيان. بعد ۾ اسپيڪر سان ا??جي??يا جي سفير ابراه??م روماني پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ا??جي??يا ۽ پاڪستان جي عوام گڏيل مذهب، ثقافت ۽ تاريخ جي اڻٽٽ رشتن ۾ ٻَڌل آهي. پاڪستان پارلياماني ۽ اقتصادي تعاون کي هٿي ڏئي ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌائڻ جو خواهشمند آهي. سردار اياز صادق چيو ته پارلياماني سفارتڪاري ٻنهي قومن کي و??جهو آڻڻ ۾ انتهائي اهميت رکي ٿي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ عو??مي سطح تي رابطا ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. پاڪستان ا??جي??يا سان اقتصادي، واپاري ۽ توانائيءَ جي شعبن ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي. اسپيڪر چيو ته پاڪستان ا??جي??يا سميت سمورن آفريقي ملڪن سان پنهنجن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. پاڪستان لُڪ آفريقا پاليسيءَ تحت ا??جي??يا ۽ ٻين آفريقي ملڪن سان رابطن کي هٿي ڏيڻ جي خواهش رکي ٿو. اسپيڪر فلسطين ۽ ڪشمير ۾ جاري اسرائيلي ۽ ڀارتي ڏاڍ جي مذمت ??ندي چيو ته فلسطين ۽ ڪشمير مسئلو جي حل ٿيڻ کانسواءِ خطي ۾ امن جو قيام ممڪن ناهي. مسلم ملڪن کي اُمت ??ي درپيش چئلينجز لاءِ متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي. اسپيڪر چيو ته ا??جي??يا جي سفير ابراه??م روماني اسپيڪر جي ا??جي??يا لاءِ تاثرن تي ٿورو مڃيو. پاڪستان هڪ اسل??مي ملڪ آهي. ا??جي??يا پاڪستان سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو.