اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڏکڻ وزيرستان جي علائقي ڪڙمه ۾ فتنه الخوارج جي 5 دهشتگردن کي جهنم واصل ڪرڻ ت?? سيڪيورٽي فورسز کي خراج تح??ين پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل ??ات??ي تائين اسان جي دهشتگردن سان جنگ جاري رهندي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم فا??رنگ جي مٽاسٽا ۾ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن نائب صوبيدار طيب شاهه، لانس نائيڪ گلاب زمان، لانس نائيڪ مزمل محمود ۽ لانس نائيڪ حبيب الله جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهيدن جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته اسان جي جوانن جون قربانيون هرگز ضايع نه وينديون، ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل ??ات??ي تائين اسان جي دهشتگردن سان جنگ جاري رهندي.