اسلام آباد-30 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين سان اٽلي جي سفير ميريلنيا آرميلن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ زرعي ۽ ڊيري مصنوعات جي پيداوار جي حوالي سان گڏيل سهڪار تي زور ڀريو ويو. نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت جي ترجمان مطابق وفاقي وزير چيو ته اٽلي ۽ پا??ستان وچ ۾ گهرا لاڳاپا گڏيل سهڪار جي بنياد تي آهن. دنيا کي فوڊ سيڪيورٽي جا چئلينجز درپيش آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف خاص طور تي زرعي پيداوار جي شعبي کي هٿي وٺرائڻ تي توجهه ڏئي رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته پا??ستان کير جي پيداوار جي حوالي سان پهرين صف جي ملڪن ۾ شامل آهي. اٽل?? پاڪستان مان اُٺ جو کير آمدني واپار ڪري سگهي ٿو. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته پا??ستاني زرعي مصنوعات جي روانگي واپار لاءِ ڪيترائي موقعا موجود آهن. مصنوعات جي ڪوائلٽي کي بهتر ۽ ويليو ايڊڊ بنائڻ لاءِ حڪومت ڪ??ترائي قدم کڻي ??هي آهي.