اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان اسرائيل جي وڌندڙ مهم جوئي ۽ عال??ي قانونن کي نظرانداز ڪرڻ جي ڪري وچ اوڀر ۾ سلامتي جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته لبنان جي خلاف جاري فوجي جارحيت گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عال??ي قانونن جي سنگين خلاف ورزي آهي. هن چيو ته ان خطرناڪ اضافي اڳ ۾ ئي غيرمستحڪم خطي ۾ امن ۽ سلامتي کي وڌيڪ خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، پاڪستان لبنان جي خودمختياري ۽ علائق??ئي سالميت جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ حمايت جو ??رج??ءُ ڪري ٿو. ترجمان چيو ته اسرائيلي قابض فوج غزه ۾ اٽڪل هڪ سال کان منظم نسل ڪشيءَ جي مهم ۾ ملوث ۽ عال??ي قانساني قانون جي سنگين خلاف ورزين ۾ مصروف آهي. هن چيو ته هلندڙ هفتي اسرائيل 88 فلسطينين جي ڳڙ??ل سڙيل لاشن جو هڪ ڪنٽينر غزه موڪليو جنهن ۾ متاثرين جي سڃاڻپ ۽ انهن جي موت جي وقت ۽ سبب بابت ڪا معلومات نه ڏني وئ??. ت??جمان چيو ته اهو ناقابل معافي وحشياڻو فعل عالمي انساني قانون جي خلاف ورزي آهي، مرندڙن جا نالا ۽ جنس لڪ??ئي اسرائيلي قابض فوج متاثرين کي انهن جي تڪريم کان محروم ڪيو ۽ انهن جي گهرڀاتين جي مصيبتن کي وڌيڪ وڌ??ئي ڇڏيو آهي. هن چيو ته خاندان کي پنهنجي پيارن کي عزت سان دفن ڪرڻ جي حق کان محروم نه ڪرڻ گهرج??. ت??جمان چيو ته اسرائيل کي گهرجي ته هو مقتولين جي سڃاڻپ ظاهر ڪري ۽ انهن جي پونئيرن کي ميتن جي باوقار واپسي کي يقيني بڻ??ئي هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها اسرائيل کي ان جي عالمي دهشتگردي جي ڪاررواين، جنگي ڏوهن ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن تي جوابده قرار ڏيڻ جي لاءِ فوري ڪاررو??ئي ڪري.