اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ميجر عزيز ڀٽي شهيد (نشان حيدر) کي سندس شهادت جي ڏهاڙي تي خر??ج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ان موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پوري قوم ميجر عزيز ڀٽي جي بي مثال قرباني ۽ بهادري کي سلام پيش ڪري ٿي. هن چيو ته ميجر عزيز ڀٽي 1965ع جي پاڪ ڀارت جنگ ۾ دشمن جي سامهون انتهائي بهادري سان ڄمي قوم جي دفاع جو فرض سرانجام ڏنو، ملڪ جي حفاظت جي ??اء?? پنهنجي جان قربان ڪرڻ تي پوري قوم پنهنجي هيرو کي خر??ج عقيدت پيش ڪري ٿي. صدر چيو ته ميجر عزيز ڀٽي جي لازوال قرباني اسان جي ??اء?? هڪ روشن مثال آهي. اسان ان ڳالهه جو وچن ورجايُون ٿا ته اسان به پنهنجي ملڪ جي ??اء?? هر م??ڪن قرباني ڏيڻ جي ??اء?? تيار رهنداسين. صدر ميجر عزيز ڀٽي شهيد جي ??رج?? جي بلندي ??اء?? دع?? ڪئي.