اسلام آباد -10 سيپٽمبر (اي پي پي) دفا?? واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي، ته تحريڪ انصاف پنهنجي جلسي ۾ اڻوڻندڙ زبان اس??عمال ??ئي ۽ ملڪ کي چئلينج ڪيو، ملڪ جي وجود کي هڪ شخص جي وجود سان لازم قرار ڏيڻ درست ناهي، گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ ميمبر علي محمد خان جي اعتراض واري نقطي جي جواب تي ڳالهائيندي هن چيو ته گذريل ٻن ٽن ڏينهن جي واقعن تي تفصيلي بحث ٿي?? آهي، پر جڏهن هي اهو چون ته خان نه ته پاڪستان نه ته ان جو ٻيو ڪهڙو ري ايڪشن ايندو، ملڪ جي وجود کي هڪ شخص جي وجود سان لازم قرار ڏيڻ درست ناهي. گذريل رات جيڪو ڪجهه ٿي?? اهو هڪ ڏينهن اڳ جلسي جو رد عمل هو. هن چيو ته هن ايوان جي تاريخ ۾ ڪڏهن به ايئن ناهي ٿي?? ته هي پريس گئلري ۽ هي ايوان هڪجهڙو موقف رکندا هجن، اس??ن جي ۽ صحافين جي به دل آزاري ٿي، عورتن بابت اڻوڻندڙ زبان اس??عمال ??ئي وئي ۽ ملڪ کي چئلينج ڪيو ويو. هن چيو ته اقتدار دوران ۽ اقتدار ختم ٿيڻ کان پوءِ پي ٽي آءِ جدوجهد ڏسي وٺو، ان جي جدوجهد جمهوري قدرن سان هڪجهڙائپ نه ٿي رکي، ان جي سڄي ڳالهه ٻولهه ملڪ جي سلامتي خلاف آهي. 9 مئي تي هنن سمورا ملٽري ٽارگيٽ چونڊيا ۽ انهن جي توهين ??ئي وئي، ڪرنل شير خان جو مجسمو ٽوڙي توهين ڪيو ۽ 6 سيپٽمبر تي وري اتي وڃي فاتحه خواني ڪيو ته ان کان وڌيڪ منافقت ٻي ڪهڙي ٿي??دي. هن چيو ته مون تي به آرٽيڪل 6 لڳايو ويو. هن چيو ته اهو ڪنهن چيو هو ته خان نه ته پاڪستان نه. هي ملڪ جي تاريخ ۾ ڪارو ڏينهن هو، هڪ صوبي جي وڏي وزير وفاق ۽ ملڪ کي للڪاريو، ان کان پوءِ چون ٿا ته فوج اس??ن جي شهيد اس??ن جا. هي جڏهن چاهين پنهنجو بيانئو تبديل ڪن ٿا. هن چيو ته ڪي پي ڪي جي وڏي وزير 15 ڏينهن پي ٽي آءِ باني کي آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، ٻه ڏينهن گذري ويا آهن اس??ن ان جو انتظار ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته هڪ وڏو وزير جڏهن ڌيئرن جي توهين ??ئي ته ان وقت ان جو ضمير ڪٿي هو؟ پنجابي، پشتون، بلوچي ۽ سنڌي گڏجي ڪري پاڪستان ٺاهيندا آهن، پشتون قوم تي ڪنهن اجاره داري ناهي، اتي به محب وطن پاڪستاني رهن ٿا.