اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري و??اقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته دنيا ۾ هر ڪامياب ملڪ امن، استحڪام، پاليسين جي تسلسل ۽ مسلسل سڌارن ذريعي ترقي حاصل ڪئي آهي. اهڙو اظهار هن انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽيڊيز جي سيمينار سي پيڪ – امڪانن ۽ چئلينجز ۾ خصوصي طور خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سي پيڪ بابت پاڪ چين جوائنٽ ڪوآپريشن ڪميٽي جي 13 مان 10 اجلاس منهنجي صدارت ۾ ٿيا، تاريخ گواهه آهي ته 7 ڏهاڪن تي ٻڌل پاڪ چين دوستي مضبوط ٿيندي ??ئي وڃي، اسان جي دوستي سمنڊ کان گهري، ماکي کان مٺي ۽ هن سال مئي ۾ ڪميونيڪيشن سيٽلائيٽ جي لانچ سان آسمان کان اونچي ٿي وئي آهي. هن چيو ته 2013 ۾ پاڪستان ۾ 16 کان 28 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿيندي ??ئي، اسان ٻن جنگين ڪولڊ وار ۽ 11/9 ۾ وسيلن جي قرباني ڏني. هن چيو ته 30 لک کان وڌيڪ پناهگير پاڪستا?? ۾ ??اخل ٿيا جيڪي اولهه جي جنگين جا پناهگير هئا، اسان جو ملڪ افغانستان ۾ نيٽو کي مفت شپمينٽ فراهم ڪندو رهيو پر هڪ پئسو به نه ورتو، آمريڪا مي??سيڪو جي پناهگيرن کي پنهنجي سرحد?? ۾ ??اخل ٿيڻ جي اجازت نٿو ڏي پر پاڪستان پناهگيرن لاءِ دروازا کوليا. هن چيو ته 2013ع ۾ پاڪستا?? ۾ ??ديد معاشي بحران ه?? بجلي جي کوٽ هئي، خودڪش ڌماڪا ٿيندا هئا، پاڪستان جا پنهنجا سيڙپڪار ملڪ ۾ انويسٽمينٽ ڪرڻ کان لهرائيندا هئا، پاڪستان توانائي پاليسي جو اعلان ڪندي عالمي سيڙپڪارن کي بجلي پيدا ڪرڻ جا منصوبا لڳائڻ جي درخواست ڪئي. هن چيو ته اسان 2013ع ۾ حڪومت ۾ آياسين، سي پيڪ تي صحيحيون ٿيون ۽ آگسٽ 2013ع ۾ جي سي سي جو پهريون اجلاس ٿيو، چين پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري ڪندڙ سڀ کان وڏو ملڪ بڻجي و??و. 2015ع ۾ صدر شي جن پنگ پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ 42 بلين ڊالرن جي سيڙپڪاري تي صحيحيون ڪيون. هن چيو ته وال اسٽريٽ جي هيڊ لائن موجب پاڪستان جو تصور دهشتگردن جي محفوظ پناهگاهن مان بدلجي اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندڙ ملڪ بڻجي و??و. 2013ع کان 2015ع وچ ۾ 2.3 ملين نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيا، چين کان صنعتي سيڙپڪاري راغب ڪرڻ لاءِ 9 اقتصادي زون قائم ڪيا ويا. هن چيو ته2017ع ۾ پرائيس واٽر ڪوپر جي ريسرچ موجب پاڪستان 2030ع تائين دنيا جي ٽاپ 20 معيشت?? ۾ ??امل ٿي سگهي ٿو، منهنجي خلاف بي بنياد ڪيس بڻايو ويو ته مون نارووال ۾ اسپورٽس ڪامپليڪس جي تعمير لاءِ فنڊز فراهم ڪيا. شهزاد اڪبر ۽ فواد چوڌري اعتراف ڪري ورتو ته اهي ڪيس بي بنياد هئا، 1992ع ۾ اسان لبرلائيزيشن، ڊي ريگيوليشن، نجڪاري جون پاليسيون متعارف ڪرايون. هن چيو ته سرتاج عزيز مون کي ٻڌايو ته ڀارت جي ناڻي واري وزير من موهن سنگهه پاڪستا?? ۾ ??زنس ريفارمز کي ڀارت ۾ لاڳو ڪرڻ جو ارادو ڪيو، 90ع جو ڏهاڪو سياسي انتشار جو شڪار ٿي و??و. ڀارت سڌارا لاڳو ڪيا ۽ اسان کان اڳتي نڪري و??و. پاليسيون 10 سالن کان پهرين ڊليور ناهن ٿينديون، پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور ۾ سي پيڪ منصوبن تي ڪم رڪجي و??و، هن چيو ته گوادر ۾ 2017ع ۾ مقامي ماڻهن لاءِ پاڻي ۽ بجلي جا منصوبا شروع ڪيا، اسان جي حڪومت دوران اسلام آباد جي هر سيڪٽر ۾ چيني ڪاروباري ادارن جون آفيسون نظر اينديون ه??ون. ترقي جي سياست پي ٽي آءِ دور ۾ نفرت ۽ پولرائيزيشن جي سياست ۾ بدلجي وئي. پي ٽي آءِ ايران کان 100 مي??اواٽ پائيپ لائن پراجيڪٽ 4 سالن تائين ملتوي ڪيو، اسان ان کي 8 مهين?? ۾ ??ڻائي ڇڏيو. گوادر کان پنجگور تائين نيشنل گرڊ 12 مهينن ۾ مڪمل ٿي، جنهن کي پي ٽي آءِ روڪي رکيو هو. هن چيو ته گوادر پورٽ ۾ 4 سالن کان مينٽيننس ڊريجنگ نه ڪئي وئي هئي، گوادر جي گهرائي تي ناڪاري اثر پئجي رهيو هو، 2022ع ۾ اسان 5 ارب روپين ۾ مينٽيننس ڪئي ۽ گوادر هڪ دفعو ٻيهر اونهي سمنڊ وارو بندرگاهه بڻجي و??و. دنيا ۾ هر ڪامياب ملڪ امن، استحڪام، پاليسين جي تسلسل ۽ مسلسل سڌارن ذريعي ترقي حاصل ڪئي.