اسلام آباد -20 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته ??ين پاڪستان جو پراڻو دوست آهي، جنهن هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي، چين سان تعاون جي معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي عملدرآمد ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ برداشت نه ڪئي ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ چين جي دوري جي معاهدن تي اڳڀرائي ۽ پاڪ چين تعاون جي حوالي سان جائزيوار اجلاس منعقد ٿيو، ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته ??ين سان تعاون جي معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي عملدرآمد ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ برداشت نه ڪئي ويندي. چين پاڪستان جو پراڻو دوست آهي، جنهن هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي. وزيراعظم چيو ته ??يني اعليٰ قيادت پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان ۾ چيني صنعت جي منتقلي سان ملڪي معيشت جي بهتري ۽ روزگار جا نوان موقعا۽ پاڪستان جي روانگي واپار ۾ واڌ ٿيندي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي مختلف منصوبن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي رٿابندي واري وزير پنهنجي هاڻوڪي چين جي دوري جي حوالي سان به تفصيلي طور آگاهه ڪيو.بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سکر حيدرآباد موٽر وي کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي مقرر ڪيو ويندو، چين ۾ هڪ هزار شاگردن کي سرڪاري خرچ تي جديد زرعي پيشيواراڻي تربيت لاءِ موڪلڻ لاءِ لا??حه عمل مڪمل ٿي چڪو آهي، هلندڙ تعليمي سال جي شروعات تي شاگردن جي پهرين کيپ چين موڪلي پئي وڃي. ايندڙ کيپ پاڪستان ۾ چيني ٻولي سکڻ کان پوءِ چين جي جديد زرعي يونيورسٽين ۾ موڪلي ويندي جن جي منصوبابندي ٿي چڪي آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ت?? درآمدي ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهرن کي مقامي ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ جي حوالي سان لا??حه عمل به حتمي مرحلي ۾ آهي، پاڪستان ۾ ڪاروباري ۽ سيڙپڪاري جي موقعن جي حوالي سان جلد بيجنگ ۾ چين جي تعاون سان هڪ روڊ شو منعقد ڪيو پيو وڃي. پاڪستان ۾ چيني صنعتن جي منتقلي لاءِ اجلاس کي هڪ جامع روڊ ميپ پيش ڪيو ويو. اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ??يني ٽيڪسٽائل، طبي ۽ جراحي اوزارن، پلاسٽڪ ۽ چمڙي جي صنعتن کي پاڪستان ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ چين?? ڪمپنين سان ڀائيواري ڪئي ويندي. 78 پاڪستان?? ڪمپنين شروعاتي طور چيني صنعتن جي پاڪستان ۾ منتقلي لاءِ ڀائيواري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيوآهي، سيڙپڪاري بورڊ ان حوالي سان اڳڀرائي ۽ لا??حه عمل تي جامع رپورٽ پيش ڪئي. وزيراعظم سيڙپڪاري بورڊ جي حوالي سان قدمن ۽ سفارشن جي تعريف ڪئي. وزيراعظم لاڳاپيل ادارن ۽ آفيسرن کي پاڪستان?? ڪمپنين کي چين?? ڪمپنين سان ڀائيواري ۾ هر قسم جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن ڄام ڪمال خان، عبدالعليم خان، احد خان چيمه، محمد اورنگزيب، عطاالله تارڙ، ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي. وفاقي وزير احسن اقبال، خواجه آصف ۽ راڻا تنوير حسين ويڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.