شي – آن – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جو پنهنجو 5 ڏينهن جو تاريخي ۽ ڪامياب دورو مڪمل ڪري پاڪ??تا?? روانو ٿي ويو، پاڪ??تا?? رواني ٿيڻ وق?? شانسي صوبي جي نائب گورنر ڇَن ڇُن جيانگ، اعليٰ چيني ۽ پاڪ??تا??ي سفارتي اهلڪارن وزيراعظم کي الوداع ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جو 5 ڏينهن جو چين جو دورو پاڪ??تا?? ۽ چين جي لاڳاپن جي مضبوطي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري ۽ سي پيڪ جي ٻئي مرحلي جي شروعات جي حوالي سان اهم سنگ ميل ثابت ٿيو. دوري جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم چيو ته تازو چين جو دورو پاڪ??تا?? ۽ چين جي ٻطرفن لاڳاپن ۾ هڪ نئين جهت جو اضافو آهي. چيني قيادت ??ي جن پنگ ۽ پريميئر لي ڪي ڪيانگ جو مهمان نوازي تي دل سان ٿورائتو آهيان، پاڪ??تا?? ۽ چين جي دوستي لازوال ۽ بي مثال آهي. وزيراعظم چيو ته سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ??حت چيني ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن جي پاڪ??تا??ي ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن سان ملاقات ٿي، چين جي انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، معدنيات ۽ ٻين شعبن ۾ ترقي قابل تقليد آهي. وزيراعظم چيو ته چين ۽ پاڪ??تا?? جي اقتصادي حصيداري سان ٻنهي ملڪن جي عوام کي فائدو ٿيندو. تازي چين جي دوري دوران ٿيندڙ مثبت اڳڀرائي جا اثر ڊگهي مدي تائين رهندا.