اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وز??راعظم م??مد شهباز شريف چيو آهي ته چين پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ اهم حصيدار ??هي، پاڪستان چين سان ترجيحي بنيادن تي زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، توانائي جي شعب?? ۾ ??عاون وڌائڻ ۽ چين ۾ پاڪستاني مصنوعات جي برآمدات ۾ اضافي جو خواهشمند آهي، سي پيڪ جي اڳئين مرحلي جي حوالي سان ڀرپور تياري ڪري رهيا آهيون، چيني تعاون سان گوادر بندرگاهه کي لاجسٽڪس جو حب ٺاهيو ويندو. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ ??ار??ن جاري پڌرائي موجب وز??راعظم م??مد شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مختلف شعب?? ۾ ??عاون وڌائڻ جي حوالي سان اهم جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وز??ر احسن اقبال، واپار واري وفاقي وز??ر ڄام ڪمال خان، اقتصادي معاملن واري وفاقي وز??ر احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وز??ر م??مد اورنگزيب، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر عطاءُ الله تارڙ، پيٽروليم واري وفاقي وز??ر مصدق ملڪ، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وز??ر راڻا تنوير حسين، پاور واري وفاقي وز??ر اويس ا??مد خان لغاري، سامونڊي معاملن واري وفاقي وز??ر قيصر ا??مد شيخ (وڊيو لنڪ ذريعي)، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام واري مملڪتي وز??ر شزه فاطمه، وز??راعظم جي خاص معاون طارق فاطمي، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مختلف وفاقي وزارتن ??ار??ن پاڪستان چين ٻطرفي معاشي لاڳاپن جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون ويون. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وز??راعظم چيو ته چين پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ اهم حصيدار ??هي. هن چيو ته چيني انڊسٽري خاص طور تي چيني ٽيڪسٽائيل انڊسٽري کي پاڪستا?? ۾ ??نعتون لڳائڻ جي دعوت ڏيون ٿا، حڪومت چيني صنعتڪارن ۽ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستا?? ۾ ??هندڙ چيني شهرين کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي، چيني شهرين جي سيڪيورٽي جي حوالي سان جامع پلان جوڙيو ويو آهي. وز??راعظم چيو ته چيني تعاون سان گوادر بندرگاهه کي لاجسٽڪس جو حب ٺاهيو ويندو. ايگريڪلچر ڊيمانسٽريشن زونز جو قيام سي پيڪ جي اڳئين مرحلي جي حوالي سان اهم منصوبو هوندو. وز??راعظم چيو ته پاڪستان چين سان ترجيحي بنيادن تي زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، توانائي ۽ متبادل توانائي جي شعب?? ۾ ??عاون وڌائڻ ۽ چين ۾ پاڪستاني مصنوعات جي برآمدات ۾ اضافي جو خواهشمند آهي. وز??راعظم هدايت ڪئي ته لاڳاپيل وزارتون پاڪستان چين جي تعاون جي نئين منصوبن جي حوالي سان تياري ڪن ۽ بزنس ٽو بزنس رابطا وڌائڻ جي لاءِ قدم کڻن. وز??راعظم چيو ته پاڪستان جو روانگي واپار وڌائڻ جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙڻ ۾ چين پاڪستان جو مددگار ??ابت ٿي سگهي ٿو.