اسلام آباد – 15 – اپريل (اي پي پي) سعودي ??رب جي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان السعود جو وفاقي گادي واري شهر اسلام آبا?? پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو. پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سندس استقبال ڪيو، سعودي ??رب جي پرڏيهي وزير جو اهو دورو ٻنهي ملڪن جي ويجهي ۽ ڀائيچاري جي عڪاسي ڪري ٿو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب سعودي پرڏيهي وزير پاڪستان ج?? دور?? دوران صدر، وزيراعظم، پرڏيهي وزير ۽ آرمي چيف سان ملاقاتون ڪندو. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ سعودي ??رب جي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان السعود خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي اجلاس ۾ پنهنجي پنهنجي و??دن جي قيادت ڪندا.