برسلز – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار برسلز ۾ نيوڪليئر انرجي سمٽ جي موقعي تي نيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل ماريانو گر??سي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ت??جمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير ائٽمي ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال کي ??ڌائڻ ۽ پهرين ائٽمي توانائي سمٽ منعقد ڪرڻ جي لاءِ آءِ اي اي اي جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته باني ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان ايجنسي جي ڪم کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. پرڏيهي وزير موسمياتي ت??ديلين کي ??نهن ڏيڻ جي لاءِ ائٽمي توانائي جي اهميت ۽ توانائي مڪس ۾ ائٽمي توانائي جو حصو وڌائڻ جي پاڪستان جي خواهش کي ??ڻ اجاگر ڪيو. هن ايجنسي جي فني ت??اون جي ڪم جي اهميت جو پڻ ذڪر ڪيو جنهن ۾ پاڪستان به اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي مالياتي ادارن ۽ بئنڪن ک?? اسرندڙ ملڪن ۾ ائٽمي توانائي جي منصوبن جي حمايت ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهي پنهنجي توانائي جي ضرورتن کي ??ورو ڪري سگهن ۽ زيرو اخراج جا هدف حاصل ڪري سگهن. هن آءِ اي اي اي تي زور ڏنو ته اها هڪ صاف ذريعي جي طور تي ائٽمي توانائي جي اهميت بابت دنيا کي آگاهه ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار جاري رکي. ڊائريڪٽر جنرل آءِ اي اي اي ايجنسي سان پاڪستان جي ت??اون کي ساراهيندي چيو ته ايشيا ۾ پاڪستان اسرندڙ ملڪن سان تجربي ۽ مهارت جي مٽاسٽا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو ته ائٽمي منصوبن جي مالي مدد هڪ مسئلو آهي ۽ هو جلد ئي ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي لاءِ عالمي مالياتي ادارن سان ڳالهه ٻولهه ڪندو. ڊائريڪٽر جنرل آءِ اي اي اي گذريل سال پنهنجي پاڪستان جي دوري کي ??اد ڪيو، جڏهن کيس پاڪستان جي ٺڪاڻن جو دورو ڪرڻ ۽ ائٽمي ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال جي ميدان ۾ پاڪستان جي ت??قي جو مشاهدو ڪرڻ جو موقعو مليو.