اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) قومي صحت بابت نگران وفاقي و??ير ڊاڪٽر نديم جان چيو آهي ته ملڪ مان پوليو جي خاتمي لاءِ مربوط حڪمت عملي جوڙي ڇ??ي آهي، پوليو ورڪرز ان سلسلي ۾ هراول دستي جو ڪم ڪري رهيا ??هن. صحت وزارت مان جاري ڪيل بيان مطابق اهڙن خيالن جو اظهار هن آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم سان ڳالهيون ڪندي ڪيو جنهن هن سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صحت جي شعبي ۾ سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. ان موقعي تي آمريڪي سفير مختصر مدي ۾ صحت جي شعبي ۾ ڪيل قدمن ۽ سڌارن تي نگران وزير جي ڪوششن ??ي ساراهيو. هن چيو ته گلوبل هيلٿ سيڪيورٽي جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڀرپور سهڪار ڪنداسين. ڊاڪٽر نديم جان چيو ته پوليو جي خاتمي لاءِ مربوط حڪمت عملي جوڙي ڇ??ي آهي. هن چيو ته پوليو ورڪرز ملڪ مان پوليو جي خاتمي ۾ هڪ هراول دستي جو ڪم ڪري رهيا ??هن.