اسلام آباد-08 فيبروري (اي پي پي) ??يف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا اليڪشن پرامن منعقد ڪرڻ تي پوري قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته چونڊن جي پرامن منعقد ٿيڻ جهڙي اهم ترين قومي فرض ۽ آئيني ذم??وا??ي جي تڪميل ۾ ڪميشن جي سرخرو ٿيڻ تي الله پاڪ جو شڪر گذار آهيان. قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ ??يف اليڪشن ڪمشنر پاڪستاني عوام ۽ سمورن ادارن سميت قومي ۽ صوبائي نگران حڪومتن، سياسي پارٽين، سيڪيورٽي ادارن، پوليس ۽ سول ايڊمنسٽريشن، پاڪستان آرمي، قومي ميڊيا، ووٽرز، رٽرننگ آفيسرن، پرزائيڊنگ آفيسرن ۽ ٻي ??ولنگ عملي سان گڏوگڏ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن، ساٿين ۽ پنهنجي ٽيم جو به شڪريو ادا ڪيو جن جي ڏينهن رات جي محنت سان ان عظيم ذم??وا??ي جي تڪميل ۾ ڪاميابي نصيب ٿي. هن چيو ته اڃان اسان پنهنجي ذم??وا??ي جو هڪ حصو مڪمل ڪيو آهي، پولنگ جي عمل جي تڪميل ٿي آهي ۽ هاڻي غير حتمي نتيجن جي تياري جو ڪم شروع ٿي چڪو آهي، مون کي اميد ۽ اعتماد آهي ته اسان جا رٽرننگ آفيسر ان اهم ڪم جي تڪميل ۾ انتهائي ذم??وا??ي جو مظاهرو ڪندا ۽ نتيجن جي وقت سر ترب??ت ۽ فراهمي کي ممڪن بڻائيندا.