اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي ??ي) ايران جو پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جي دعوت تي صبح جو اسلام آباد پهچي ويو. نو?? خان ايئربيس تي ??رڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري (افغانستان ۽ اولهه ايشيا) رحيم حيات قريشي معزز مهمان جي آجيان ڪئي. پرڏيهي آفيس جي بيان موجب ايراني پرڏيهي وزير ان دوري دوران نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندو. هو نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان به ملاقات ڪندو. اهو اعليٰ سطح جو دورو ان وقت ٿيو جڏهن ٻ??هي ملڪن 22 جنوري تي ??نهنجي گڏيل بيان ۾ اعلان ڪيو هو ته ٻ??هي ملڪن جا سفير پنهنجي پنهنجي عهدن تي ??اپس ويندا ۽ ايراني پرڏيهي وزير اسلام آباد جو دورو ڪندو. ان کان اڳ ايران پاران هلندڙ مهيني پاڪستان جي فضائي حدن جي خلاف ورزي کانپوءِ ٻ??هي ملڪن جا لاڳاپا خراب ٿي ويا هئا جنهن کانپوءِ پاڪستان پاران ايران جي اندر پاڪستاني ڄائي دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ حملا ڪيا ويا.