اسلام آباد – 18 – جنوري (اي پي پي) سي??سي اڳواڻن، دانشورن، تعليمي ماهرن، سينيئر صحافين ملڪ جي چونڊ ۽ سي??سي منظرنامي ۾ رونما ٿيندڙ تبديلين جي ڏس ۾ سي??سي ڊائي??اگ جي شروعات ۽ سي??سي پارٽين جي منشور ۾ ملڪي مسئلن ۽ عوامي مشڪلاتن جي ازالي جي قدمن کي ترجيح بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ اميد ظاهر ڪئي آهي ته سي??سي پارٽيون چونڊ سڌارن ۽ درپيش قومي مسئلن جي حل کي پنهنجي ترجيح بڻائينديون جڏهن ته انٽرا پارٽي چونڊن ۾ شفافيت ۽ چونڊ عمل ۾ ع??رتن جي شرڪت وڌائڻ تي پڻ خاص ڌيان ڏنو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار مختلف سي??سي پارٽين ۽ ميڊيا جي نمائندن، تعليمي ماهرن ۽ ٻين ڌرين پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي اهتمام هيٺ ”پاڪستاني راءِ ڏيندڙن جو بدلجندڙ منظرنامو ۽ منصفاڻي نمائندگي ۾ سي??سي پارٽين جو ڪردار“ جي عنوان سان منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ان سلسلي ۾ منعقد ان ٻئي سيمينار کي اهم خطاب ڪندڙ جي حيثيت سان خطاب ڪيو ۽ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) جي ان قدم کي ساراهيو. ان موقعي تي سيمينار جي شرڪت ڪندڙن چونڊ عمل ۾ خامين کي اجاگر ڪندي انٽرا پارٽي چونڊن ۽ چونڊ عمل ۾ ع??رتن جي شرڪت وڌائڻ تي زور ڏيندي حقيقي جمهوري تبديلي جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي سينيٽر سي?? علي ظفر زوم جي ذريعي سيمينار ۾ شرڪت ڪندي چيو ته آئين اليڪشن ڪميشن (اي سي پي) کي ملڪ ۾ آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون چونڊون ڪرائڻ جي ذميواري ڏئي ٿو. اليڪشن ايڪٽ 2017ع اليڪشن ڪميشن جي اختيارن ۾ اضافوڪيو، آئين سي??سي پارٽين کي چوندن ۾ حصو وٺڻ ۽ حڪومت ٺاهڻ جو اختيار ڏي ٿو. هن چيو ته پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ مبارڪباد جو مستحق آهي جنهن ان اهم موضوع تي خيالن جي ڏي وٺ جي لاءِ پليٽ فارم مهيا ڪيو، پاڪستان جي آئين ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي جوڙجڪ عمل ۾ آندي وئي اهي ۽ اهي اختيار ڏنا ويا آهن ته ملڪ ۾ صفاف، شفاف، غيرجانبداراڻيون ۽ منصفاڻيون چونڊون منعقد ڪرايون وڃن. هي منفرد قسم جو آئين آهي جيڪو پارليامينٽ ۽ اليڪشن ڪميشن جا اختيار ڏئي ٿو. بيريسٽر علي ظفر شهري آبادي وڌڻ ۽ وڏي پئماني تي ڳوٺاڻي علائقن مان لڏپلاڻ سان واڳيل جمهوري مسئلن تي پڻ روشني وڌي ۽ چيو ته اسان زرعي شعبي مان وڏي پئماني تي لڏپلاڻ کي روڪڻ جي حوالي سان منشور ۾ قدم شامل ڪيا آهن پر ان عمل کي مڪمل روڪي نه ٿو سگهجي. جماعت اسلامي جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل محمد اصغر چيو ته ماضي ۾ ع??ام جي هڪ وڏي اڪثريت ووٽ وجهڻ کان پري رهي جنهن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن چونڊن ۾ ٽرن آئوٽ وڌ کان وڌ هجي. هن چيو ته جماعت اسلامي ملڪ ۾ حقيقي تبديلي آڻڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته جماعت اسلامي جي نتظيم ۾ ع??رتن جو رڪارڊ انگ مختلف سطحن تي شامل رهيو آهي ۽ 5 سيڪڙو کان وڌيڪ عورتن ٽڪيٽ حاصل ڪيون. هن تجويز ڏني ته جيڪو شخص جائيداد ۾ ع??رتن کي حصو نه ٿو ??ي ان کي چونڊ عمل ۾ نااهل قرار ڏنو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته انٽرا پارٽي چونڊن کانسواءِ جمهوريت وڌي نه ٿي سگهي ۽ ملڪي سي??ست مان پئسي جي اثر رسوخ جو خاتمو ٿيڻ گهرجي. هن متناسب نمائندگي جي بنياد تي چونڊن جي تجويز پڻ ڏني ۽ چيو ته جماعت اسلامي چونڊن ۾ سڀ کان وڌيڪ نوجوان اميدوارن کي ميدان ۾ لاٿو آهي، اسان جي پارٽي مختلف فلاحي پروگرامن جي ذريعي وڏي انگ ۾ يتيم ٻارن جي ڪفالت ڪري رهي آهي. هن چيو ته اسان ملڪ ۾ پارلياماني نظام جا پرزور حامي آهيون ۽ ان ڳالهه تي زور ڏيون ٿا ته ڪنهن به سي??سي پارٽي جي ليڊر جو ڪردار بي داڳ هجڻ گهرجي. موضوع جي مناسبت سان مباحثي ۾ شرڪت ڪندي علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي ڊاڪٽر اسد منير پارليامينٽ ۾ مخصوص سيٽن جي ورڇ کي هڪ مثبت قدم قرار ڏنو. هن اميد ظاهر ڪئي ته حالتون ترتيبوار بهتر ٿينديون ۽ سي??سي پارٽيون جمهوري عمل جي ذريعي پنهنجي قيادت چونڊينديون. قائداعظم يونيورسٽي مان ڊاڪٽر محمد مجيب افضال پاڪستان جي چونڊ عمل جي ڪمزورين تي روشني وڌي. هن چيو ته سي??سي پارٽين ۾ اشرافيه جي اڪثريت ڏٺي وڃي ٿي، سي??سي پارٽين ۾ سمورن طبقن خاص طور تي ڪمزور طبقن کي مناسب نمائندگي پڻ حاصل ٿيڻ گهرجي. سينيئر صحافي حافظ طاهر خليل جمهوريت جي استحڪام ۾ ميديا جي ڪردار تي زور ڏيندي ملڪ جي ادارن جي ڪارڪردگي تي اعتماد جو اظهار ڪيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته نوجوان نسل ملڪ کي بحران مان ڪڍندي. هن سي??سي پارٽين جي اندروني مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ پنهنجي منشور تي عملدرآمد جي اهميت تي زور ڏنو. وڌيڪ اهو ته هن بنيادي قومي مسئلن تي سمورين سي??سي پارٽين جي وچ ۾ اتفاق راءِ ۽ ڳالهه ٻولهه جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) پاران 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن ۾ شهرين جي وڌ کان وڌ شموليت ۽ چونڊ عمل بابت مناسب آگاهي جي لاءِ منعقد ڪيل چار سيمينارز مان هي ٻيو سيمينار هو. سيمينارز ۾ وڏين سي??سي پارٽين، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، ميڊيا، تعليمي ماهرن، سول سوسائٽي ۽ عوامي نمائندن کي گهرايو پيو وڃي. ٽيون سيمينار چونڊ ضابطه اخلاق: ميڊيا سميت ڌرين جي اخلاقي طرز عمل تي ڌيان ڏيندي 25 جنوري تي منعقد ٿيندو جڏهن ته نوجوانن، عورتن، کدڙن فقيرن ۽ ثقافتي اقليتن جي سي??سي شرڪت ۽ بااختيار بڻائڻ جي عنوان سان چوٿون ۽ آخري سيمينار پهرين فيبروري تي منعقد ڪيو ڪيو ويندو.