مظفر آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پا??ست??ن خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي مدد جاري رکندو. ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي نگران وزيراعظم آزاد ڪشمير جي گادي واري شهر مظفرآباد جو دورو ڪيو. ان موقعي تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري پا??ستاني قوم خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، ڪشمير مسئلي جو حتمي ۽ منصفاڻو حل رڳو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب آزاد ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم تحت ممڪن آهي. هن چيو ته غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ??لم ڪنهن کان لڪل نه آهن، معصوم ڪشميرين ??ي ٿيندڙ ڀارتي ??لمن تي ??المي برادري جي خاموشي ڳڻتي ??وڳي ۽ مذمت جوڳي آهي. نگران وزيراعظم پا??ستان جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پا??ست??ن خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي مدد جاري رکندو. ان موقعي تي ??زاد ڪشمير جي وزيراعظم ۽ اسپيڪر نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي مظفرآباد جي دوري کي خوش آئنده قرار ڏنو. هنن چيو ته ڀارت کي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي تي مظفرآباد اچڻ سان واضح پيغام پهچي ويو آهي ته پا??ستاني ۽ ڪشميري ڀينرن ڀائرن جون دليون گڏ ڌڙڪن ٿيون.