اسلام آباد – 02 – فيب??ور?? (اي پي پي) اسلام آباد ۾ مقرر غيرملڪي سفارتڪارن کي 5 فيب??ور?? تي ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي کان اڳ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال بابت پرڏيهي آفيس ۾ بريفنگ ڏني وئي. پرڏيهي آفيس موجب ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي کان اڳ ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (ايشيا ۽ بحر??لڪ??هل) عمران احمد صديقي اسلام آباد ۾ رهندڙ سفارتڪارن کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. هن والاريل ڪشمير ۾ صورتحال جي قانوني، سيڪيورٽي ۽ انساني حقن جي رخن تي روشني وڌي.