اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اڄ فيڪ نيوز جمهوريت ۽ صحافت جي لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهي، نگران وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري جي نالي سان جعلي هدايتنامو ڦهلائڻ کانپوءِ هاڻي چيف اليڪش?? ڪمشنر ??ي هدف بڻايو پيو وڃي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته جيئن جيئن اسان چونڊن جي ويجهو وڃي رهيا آهيون، اهڙي طرح جا حربا وڌي رهيا آهن، اڄ نگران وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري جي نالي سان هڪ جعلي هدايتنامو ٺاهيو ويو ۽ ان کي ڦهلايو ويو، هاڻي چيف اليڪش?? ڪمشنر ??ي هدف بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته اڄ فيڪ نيوز جمهوريت ۽ صحافت جي لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اليڪش?? ڪميشن آف پاڪستان پاران جاري ڪيل پڌرائي پڻ شيئر ڪئي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته چيف اليڪش?? ڪمشنر جي نالي ۽ تصوير سان جعلي واٽس ايپ ا??ائ??نٽس استعمال ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، عوام کي گذارش آهي ته اها چيف اليڪش?? ڪمشنر جي نالي ۽ تصوير سان ٺاهيل انهن جعلي واٽس ايپ ا??ائ??نٽس ۽ انهن جي ذريعي ڦهلايل جعلي پيغامن ۽ ڪ??ڙي پروپئگنڊه کان هوشيار رهندي ان کي نظرانداز ڪري.