اسلام آباد – 11 – جن??ري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد 2024?? جي چونڊن جي حوالي سان آگاهي فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ چونڊن طرف وڌي رهيو آهي، ماڻهن کي ملڪ جي حالتن بابت معلومات فراهم ڪرڻ انتهائي ضر??ري آهي. اها ڳالهه هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي اهتمام هيٺ مقامي هوٽل ۾ ”اليڪشن 2024??: سياسي پارٽين جي اقتصادي سڌارن جي ايجنڊا“ جي موضوع تي ٿيندڙ سيمينا?? کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي سيڪريٽري چيو ته پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي سدائين کان ڪوشش رهي آهي ته اها اهڙا پليٽ فارم مهيا ڪري جتي ملڪ جي مستقبل جي حوالي سان بحث ٿي سگهن. هن چيو ته چونڊن جي حوالي سان سڀني کي آگاهي فراهم ڪرڻ گهرجي ته ايندڙ چونڊن ۾ حڪومت کي ڪهڙيون مشڪلاتون ۽ چئلينجز درپيش هون??ا ۽ اهي ڪهڙي طرح انهن مسئلن ۽ چئلينجن کي منهن ڏئي سگهندي. هن چيو ته اسان وٽ نيشنل براڊ ڪاسٽرز ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جو پورو اسپيڪٽرم موجود آهي جتي ملڪي مسئلن ۽ چئلينجن تي تفصيلي بحث ٿي سگهي ٿو. اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي سيڪريٽري چيو ته ميڊيا معلومات جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اڄ جي سيمينار جو مقصد به اهو ئي هو ته چونڊن جي حوالي سان سيمينار جي ذريعي ملڪي مسئلن کي اجاگر ڪيو وڃي. هن چيو ته سيمينار منعقد ڪرڻ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي بهترين ڪوشش آهي.