اسلام آباد -29 ڊسمبر (اي پي پي) خوراڪ جي تحفظ واري نگران وفاقي وزير ڪوثر عبدالله ملڪ چيو آهي ته آبادگارن جو ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي، آبادگارن جي درپيش مسئلن جو مڪمل حل آهي، حڪومت آبادگارن جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي، ذخيره اندوزي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ۾ پاڪ فوج جي مدد حاصل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قوم?? ڪسان ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪوثر عبدالله ملڪ چيو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڀاڻ جا مسئلا حل ٿي ويندا، لائيو اسٽاڪ جو ڪاروبار ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، آمدني واپار ۽ روانگي واپار لاءِ آبادگار ڪردار ادا ڪن. ان موقعي تي قوم?? ڪسان ڪنوينشن ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان وڏي انگ ۾ آبادگارن شرڪت ڪئي. قوم?? ڪسان ڪنوينشن ۾ آبادگارن کي زراعت جي حوالي سان خصوصي دستاويزي فلم ڏيکاري وئي جنهن ۾ خوراڪ جي تحفظ جي حوالي سان حڪومت ۽ پاڪ فوج جي ڪردار کي اجاگر ڪيو ويو. قوم?? ڪسان ڪنوينشن کي آبادگارن جي چيف ڪوآرڊينيٽر ڪرنل (ر) هاشم ڊوگر به خطاب ڪيو ۽ چيو ته قوم?? ڪسان ڪنوينشن ڪوٺائڻ خوش آئنده آهي ان سان ملڪي زراعت جي ترقي جي حوالي سان حڪومت جو عزم ظاهر ٿئي ٿو. هن چيو ته آبادگارن کي ڀاڻ جي فراهمي جي حوالي سان مسئلا درپيش آهن تنهن هوندي ??ه حڪومت طرفان مسئلن جي حل جي خاطري تي آبادگار اطمينان جو اظهار ڪري رهيا آهن.