اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ??يف سي) سعودي عرب، قطر، گڏيل عرب امارات ۽ ڪويت سان مفاهمتي ياداشتن کي تيز رفتاري سان معاشي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ??هي، ڪميٽي ڊوميسٽڪ ڊسپيوٽ ريزوليوشن جي طريقيڪار کي مضبوط بڻائڻ سميت سيڙپڪارن کي وڌيڪ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ مختلف پاليسي سازي جي منظوري ڏني، ڪميٽي سيڙپڪارن کي خاص طور تي ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ انفراسٽرڪچر جي ترقي کي تيز ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي، ڪميٽي اسمگلرن ۽ ذخيره اندوزن جي خلاف ڪارروائي ??اري رکڻ جي پختي ??زم جو پڻ اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ايپڪس ڪميٽي جو اٺون اجلاس ٿيو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ اجلاس ۾ چيف آف آرمي اسٽاف، وفاقي ڪابينا، صوبائي وڏن وزيرن ۽ اعليٰ سطح جي سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. وفاقي وزارتن اهم شعبن ۾ منصوبن تي ??ڳڀرائي ۽ متوقع سيڙپڪاري جي وقت سر تڪميل جي حوالي سان اجلاس کي آگاهه ڪيو. ڪميٽي ايس آئي ??يف سي تحت مختلف شعبن ۾ حاصل ٿيندڙ مجموعي اڳڀرائي تي ??طمينان جو اظهار ڪيو. ڪميٽي سعودي عرب ۽ قطر سان ٻطرفي سيڙپڪاري جي معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ سان گڏوگڏ گڏيل عرب امارات ۽ ڪويت سان مفاهمت جي ياداشتن ۽ فريم ورڪ معاهدن تي ??حيحن سميت دوست ملڪن سان معاشي رابطن ۾ اضافي کي ساراهيو. فورم انهن مفاهمتي ياداشتن کي تيز رفتاري سان معاشي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڪميٽي نجڪاري تي ??ڳڀرائي ??و پڻ جائزو ورتو ۽ مختلف اهم هدفن جي وقت سر تڪميل ۾ مختلف ڌرين جي گڏيل تعاون کي ساراهيو ۽ رفتار کي برقرار رکڻ جي هدايت ڪئي. ڪميٽي سيڙپڪاري جي ماحول کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ کنيل مختلف قدمن تي ??ڳڀرائي ??و جائزو ورتو ۽ ڊوميسٽڪ ڊسپيوٽ ريزوليوشن جي طريقيڪار کي مضبوط بڻائڻ سميت سيڙپڪارن کي وڌيڪ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ مختلف پاليسي سازي جي منظوري ڏني. ڪميٽي سيڙپڪارن کي خاص طور تي ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ انفراسٽرڪچر جي ترقي کي تيز ڪرڻ تي پڻ اتفاق راءِ ڪيو. ڪميٽي معيشت جي اهم شعبن ۾ اڀرندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ انساني وسيلن جي ترقي جي لاءِ جاري شموليتي موقف کي ساراهيو. ڪميٽي اسمگلرن ۽ ذخيره اندوزن جي خلاف ڪارروائي ??اري رکڻ جي پختي ??زم جو اظهار ڪيو. آرمي چيف ملڪ جي معاشي بحالي جي لاءِ حڪومتي قدمن جي حمايت جي لاءِ پاڪ فوج جي اڻٿڪ عزم جي خاطري ڪرائي. آخر ۾ نگران وزيراعظم سمورين ڌرين ??ي هدايت ڪئي ??ه اهي ايس آئي ??يف سي جي مختلف قدمن کي ڀرپور طريقي سان اڳتي وڌائين ته جيئن مقرر مد?? جي اندر انهن جي تڪميل کي يقيني بڻائي ??گهجي.