اس??ام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) عالمي دهشتگردي ۽ ٻين سيڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ روس جي گڏيل ورڪنگ گر??پ جو ڏهون اجلاس اس??ام آباد ۾ جاري آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز ??هر?? بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (گڏيل قومون) سفير سيد حيدر شاهه پاڪستان جي ملٽي ايجنسي وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي جڏهن ته روسي وفد جي قيادت نائب پرڏيهي وزير سرگئي ورسينين ڪري رهيو آهي. ترجمان چيو ته ڌرين علائقائي ۽ عالمي سطح تي دهشتگردي جي خطري بابت پنهنجي جائزي جي حصيداري ڪنديون. هن چيو ته ڳالهين ۾ پاڪستان روس دهشتگردي ??ات??ي واري واري تعاون تي ڌيان ڏنو ويندو.