اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان کي 2023ع کان 2027ع تائين جي مدي لاءِ گڏيل قومن جي تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي تنظيم (يونيسڪو) جي اي??زيڪيوٽو بورڊ جو ٻيهر ميمبر چونڊيو ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان جو يونيسڪو جي اي??زيڪيوٽو بورڊ جي ميمبر طور ٻيهر چونڊجڻ ۽ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي پراڻي حمايت ۽ ان جي تعميري ڪردار جو ثبوت آهي. ترجمان وڌيڪ چيو ته اي??زيڪيوٽو بورڊ جي ميمبر طور پاڪستان يونيسڪو جو مينڊيٽ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪندو ۽ پاليسي سا??ي، معيارن جي ترقي ۽ عالمي ترجيحن کي اڳتي وڌائڻ ۽ تنظيم جي پروگرامن سميت سرگرمين جي موثر ??گراني ۾ پنهنجو حصو وجهندو. هن چيو ته پاڪستان گهڻ رخي پرجوش حامي طور سڀني خطن ۾ رابطا قائم ڪرڻ، ٺوس نتيجن ۽ زميني اثرن جي لاءِ اهم مسئلن تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.