اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان غزه ۾ جباليه پناهگير ڪئمپ تي اسرائ??ل جي وحشياڻي حملي جي شديد مذمت ڪندي عام شهرين جي وڌيڪ قتل عام کي روڪڻ جي لاءِ غيرمشروط جنگبندي جي فوري ضرورت تي پڻ زور ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان هڪ بيان ۾ چ??و ته پاڪستان غزه ۾ جباليه پناهگير ڪئمپ تي اسرائ??ل جي وحشياڻي حملي جي شديد مذمت ڪري ٿو جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت درجنين ماڻهو فوت ۽ زخمي ٿيا آهن. ترجمان چ??و ته اهو حملو غزه جي ماڻهن جي خلاف جنگي ڏوهن جي سلسلي جو تازو ترين واقعو آهي، هو عام شهرين کي وڌيڪ قتل عام کان بچائڻ جي لاءِ غيرمشروط جنگبندي جي فوري ضرورت تي پڻ زور ڏي ٿو. ترجمان چ??و ته اسان عالمي برادري خاص طور تي اسرائ??ل جي حامين ت?? زور ڏي ٿو ته اهي حملن کي روڪڻ، غزه جو گهيراءُ ختم ڪرڻ، شهرين جي تحفظ ۽ انساني همدرديءَ جي لنگهن جي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ هنگامي بنيادن ت?? قدم کڻي ته جيئن غزه جي محصور ماڻهن کي بنا رڪاوٽ امدادي سامان فراهم ڪري سگهجي.