پشاور – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چي?? آهي ته پاڪستان جي سالميت جي لاءِ ڪنهن به قرباني کان ڪيٻائڻ نه گهرجي، ملڪ جي بهتري لاءِ اسان کي ذاتي مفا??ن کي پٺتي رکڻو پوندو، خيبرپختونخواهه صوبي جي مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن تعاون ڪنداسين، خيبرپختونخواهه جي عوام دهشتگردي جو بهادري سان مقابلو ڪيو، شهيدن جي قربانين کي وساري نه ٿو سگهجي، افغانستان سميت سمورن پاڙيسرين سان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا، غيرقانوني غيرملڪين کي واپس وڃڻو پوندو. هو پشاور جي دوري جي موقعي تي ايوان صنعت ۽ واپار جي وفد ۽ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. پشاور دوري دوران پشاور چي??بر آف ڪامرس پاران نگران وزيراعظم کي روايتي پڳ پارائي وئي. خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي نگران وزيراعظم جي پشاور دوري تي آجيان ڪئي. ان موقعي تي وفد سان ڳالهائيندي انوارالحق ڪاڪڙ چي?? ته اردو اسان جي قومي زبان آهي جنهن جي ڪري سموريون قومون ڳنڍيل آهن، پاڪستان جون سموريون مقامي زبانون اسان جون آهن، پشاور مون کي پنهنجي گهر وانگر لڳندو آهي، خيبرپختونخواهه ۾ منهنجا ڪيترائي پراڻا دوست آهن، ڪيڊٽ ڪاليج ڪوهاٽ ۾ تعليم دوران هتي جيڪا پنهنجائپ ملي ان جي ڪري هي صوبو منهنجي تمام ويجهو آهي، خيبرپختونخواهه جي ماڻهن کي وفاق پاڪستان ۾ هڪ منفرد مقام حاصل آهي، انهن ۾ صداقت، جرئت ۽ محنت تمام گهڻي آهي، دهشتگردي جي خلاف بهادري سان هتان جي ماڻهن مقابلو ڪيو، معاشري جي هر طبقي ان جو بهادري سان مقابلو ڪيو، انهن ماڻهن قربانيون ڏئي پاڪستان جي بنياد کي ٻيهر بيهاريو. هن چي?? ته صفوت غيور جي قبر تي حاضري ڏئي اسان اهو پيغام ڏيڻ چاهيو پئي ته اسان ان کي ان جي صلي ۾ رڳو احترام ۽ عزت ڏئي سگهون ٿا باقي ان جي قربانين جو ڪو معاوضو نه آهي، صفوت غيور جهڙن 90 هزار پاڪستانين پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا، شهيدن جي قربانين کي وساري نه ٿو سگهجي، انهن شهيدن جي ڪردار کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي، انهن رت ڏئي تڪميل پاڪستان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان جو خواب وڏو هو ان جي تعبير آسان نه آهي، ان جي لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻي پوندي. هن چي?? ته اسان کي اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته ڇا هڪ نسل جي قرباني ڏئي اسان ايندڙ نسل جي مستقبل کي محفوظ ڪري سگهيا آهيون. هن چي?? ته هن ملڪ جي لاءِ ماڻهن پنهنجون جانيون ڏنيون آهن جڏهن ته ڪجهه ماڻهو ٽيڪس ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن، اسمگلنگ جو حق گهري رهيا آهن. هن چي?? ته مسئلن جو حل ڳالهه ٻولهه سان ڪڍنداسين ۽ رابطن جو اهو سلسلو جاري رهندو، صوبائي نگران حڪومت پنهنجون بهتر طريقي سان سرانجام ڏيندي جتي ڪوتاهي نظر ايندي نگران وڏو وزير ان جي نگراني ڪندو، ضم ٿيل ضلعن جي مسئلن جي حوالي سان چي?? جي دوري کانپوءِ ذميوارن سان ملاقات ڪري انهن مسئلن جو حل ڪڍنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته مون ڏکڻ وزيرستان سميت ضم ٿيندڙ ضلعن ۾ ڪٿي گهرن کي سڙندي نه ڏٺو. هن چي?? ته چي?? سيڪريٽري ۽ آءِ جي کي هدايت ڪئي ته اهي ان حوالي سان حقيقتن تي ٻڌل رپورٽ ڏين، جتي اهڙا واقعا آهن ته شرپسند عوام جي ملڪيتن کي نقصان پهچائي رهيا آهن ته ان جو تدارڪ ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چي?? ته تحريڪ طالبان پاڪستان سان ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نه ٿينديون، اهي معصوم ماڻهن کي نشانو بڻائي رهيا آهن ۽ رياست پاڪستان جي خلاف ڪارروائي ڪري رهيا آهن، دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. غيرقانوني افغان پناهگيرن جي وطن واپسي جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته 17 لک رجسٽرڊ افغان پاڪستان ۾ رهن ٿا، انهن کي واپس نه پيو موڪليو وڃي جڏهن ته غيرقانوني رهندڙن کي پنهنجي ملڪن ڏانهن واپس وڃڻو پوندو، افغانستان سان سفارتي آداب موجب سٺن لاڳاپن جا خواهشمند آهيون جتي ويزا ۽ سفري دستاويزن تحت ئي ماڻهو ٻئي ملڪ وڃي سگهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته نواز شريف عدالتي فيصلي تحت ٻاهرئين ملڪ ويو، هو واپس ايندو ته قانون موجب نگران حڪومت عمل ڪندي، اليڪشن ڪميشن چونڊن جي لاءِ جنهن تاريخ جو تعين ڪندي ان موجب پنهنجي تياري مڪمل ڪنداسين. هن چي?? ته افغانستان جي مسئلن ۽ چئلينجز کي اسان به سمجهون ٿا، افغانستان ۾ اربين ڊالر خرچ ٿيا ان جي باوجود دهشتگردن جا گروهه ڪنٽرول نه ٿي سگهيا، غيرقانوني رهندڙ غيرملڪين جي وطن واپسي ڪنهن انتقامي يا دشمني جي ڪري نه پر ڏوهن، دهشتگردي ۽ سماجي براين سميت ٻين چئلينجز جي ڪري آهي، انهن ۾ هڪ انگ مثبت ۽ تعميراتي ڪمن ۾ به مصروف آهي جڏهن ته ڊيٽا بيس نه هجڻ جي ڪري ان جو ادراڪ نٿو ٿئي، اسان پنهنجي مفاد ۾ فيصلا ڪنداسين، پنهنجي پاليسين کي ضرورت موجب تبديل ڪنداسين. فلسطين جي صورتحال جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) سان رابطي ۾ آهيون، ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي سان پاڪستان تي ٻاهرئين قرضن ۾ 4 هزار ارب رپين جي گهٽتائي ٿي آهي، کنڊ، گيهه سميت ٻين ڪيترين ئي کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي آهي جنهن جو ريليف عوام کي ملي رهيو آهي، پيٽرول جي قيمت ۾ به گهٽتائي ٿي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته اليڪشن ڪميشن ۾ رجسٽرڊ سمورين پارٽين کي اهو حق حاصل آهي ته اهي چونڊن ۾ پنهنجا اميدوار ڏي، ڪنهن رجسٽرڊ پارٽي کي چونڊ عمل کان ٻاهر نٿو رکي سگهجي.