اسل??م آباد -17 سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ پنهنجي 5 ڏينهن ج?? دوري تي آمريڪا لاءِ روانو ٿي ويو آهي. هو نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78هين اجلاس کي خطاب ڪندو. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا آفيس طرفا?? جاري بيان مطابق نگران وزيراعظم نيويارڪ ۾ جنرل اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت سان گڏوگڏ عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪندو. نگران وزيراعظم آمريڪا ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کان علاوه موسمياتي تبديلي تي م??عقد ٿيندڙ اهم ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. انوار الحق ڪاڪڙ ان دوري ۾ عالمي سڌ سماءَ وارن ذريعن جي نمائنسن سان به ملاقاتون ڪندو ۽ آمريڪا جي مشهور ٿنڪ ٽينڪس جو به دورو ڪندو.