اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافي ??ي لاءِ قدمن تي سختي سان عمل ڪ??و وڃي، ??اور سيڪٽر ۾ جاري سڌارن تي عملدرآمد ۾ وڌيڪ تيزي آندي وڃي، صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ عالمي معيار جون سهولتون يقيني بڻايون وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ مختلف وزارتن جي اهم معاملن ۽ ملڪي معاشي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ اعليٰ سرڪاري آفيسرن بشمول اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ناڻي واري سيڪريٽري، ??اور واري سيڪريٽري ۽ ايف بي آر چيئرمين شرڪت ڪئي. اجلاس کي ملڪي معيشت ۾ استحڪام ?? وڌيڪ بهتري جي لاءِ قدمن تي تفصيلي طور آگاهه ڪ??و ويو. اجلاس کي پاور سيڪٽر ۾ جاري سڌارن تي پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم هر شعبي ۾ جاري سڌارن تي تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته ملڪي معاشي پاليسين جو تسلسل قائم رکنداسين ?? وڌيڪ اقتصادي بهتري آڻينداسين، عوامي ڀلائي جا منصوبا بنا ??ڪاوٽ جاري رهندا، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ قدم نگران حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ عالمي معيار جون سهولتون يقيني بڻايون وڃن، پاور سيڪٽر ۾ جاري سڌارن تي عملدرآمد وڌيڪ تيز ڪ??و وڃي، ??يڪس اوڳاڙين ۾ اضافي ??ي لاءِ قدمن تي سختي سان عمل ڪ??و وڃي. وزيراعظم چيو ته نگران حڪومت معيشت جي بهتري لاءِ ڊي ريگيوليشن ۽ ذميوار خودمختياري تي ڌيان ڏيندي، ??گران حڪومت پنهنجي محدود مدي ۾ سموريون توانائيون معيشت جي اصلاح تي لڳائيندي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي ملڪي معاشي صورتحال تي پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.