اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي معاونين ۽ عملي خاص طور تي پنهنجي ميڊيا ٽيم جي خدمتن کي ساراهيو. وزيراعظم ه??ئو?? ۾ وفاقي سيڪريٽريز ۽ سرڪاري آفيسرن سان الوداعي ملاقات جي موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم پنهنجي خاص معاونين جهانزيب خان ۽ احد چيما جو خاص طور تي ذڪر ڪيو ۽ چيو ته انهن وڏي محنت سان ڪم ڪيو ۽ منهنجي مدد ڪئي. خاص معاون طارق فاطمي جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته هن ان بزرگي ۾ به منهنجو تمام گهڻو ساٿ ڏنو. پريس سيڪريٽري عبدالاڪبر جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته هو انتهائي شريف النفس آفيسر آهي، پنهنجي ڪم سان ڪم رکي ٿو ?? انتهائي شاندار شخصيت جو مالڪ آهي. هن پنهنجي تقرير لکندڙ ارشد ملڪ ۽ پي آر او عمر فاران کانسواءِ سرڪاري ميڊيا ٽيم جا پڻ ٿورا مڃيا ۽ انهن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.