لاهور – 13 جون (اي پي پي) پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ٽيلي فونڪ رابطو ڪيو ۽ سامونڊي طوفان بائپر جوائي کي منهن ڏيڻ لاءِ پنجاب حڪومت طرفان مڪمل سهڪار جي يقين ڌياني ڪرائي. نگران وڏي وزير چيو ته ريسڪيو 1122، پي ڊي ايم اي سميت پنجاب جا لاڳاپيل ادارا هر وقت سنڌ جي ڀيڻ ڀائرن جي مدد لاءِ حاضر آه?? ۽ ساحلي علائقن ۾ آبادي جي انخلا جي حوالي سان به سنڌ حڪومت جي مدد لاء?? تيار آه??ون. وڏي ڀاءُ جي حي??يت سان سنڌ جي ڀيڻ ڀائرن جي هر ممڪن مدد ڪرڻ ذمي??ار?? قومي فرض سمجهي نڀائينداسين. هن چيو ته پنجاب جي امدادي سرگرمين سان لاڳاپيل ادارن کي سنڌ حڪومت جي مدد لاءِ الرٽ ڪري ڇڏيو آه??. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سهڪار جي يقين ڌياني تي پنجاب جي نگران وڏي وزير جو شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته صورتحال کي مانيٽر ڪري رهيا آه??ون ۽ ضرورت پوڻ تي آگاهه ڪنداسين.