اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) هلندڙ مالي سال 23-2022ع ۾ صحت جي شعبي تي جي ڊي پي جو 1.4 سيڪڙو خرچ ڪيو ويو. ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پريس ڪانفرنس ۾ جاري ڪيل اقتصادي سروي ۾ صحت جي شعبي جي حوالي سان چيو ته مالي سال 2021ع جي هڪ سيڪڙو جي ڀيٽ ۾ مالي سال 22ع دوران صحت جي شعبي تي جي ڊي پي جو 1.4 سيڪڙو خرچ ڪيو ويو. موجوده حڪومت مستقبل ۾ ڪورونا طرز تي ڪنهن به وبائي مرض ۽ ايمرجنسي کي مُنهن ڏيڻ ??اء?? پي ايس ڊي پي تحت جاري منصوبن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو، جنهن تحت وبائي مرضن ??اء?? هڪ مربوط نظام تحت ليبارٽريون جو هڪ نيٽ ورڪ جوڙيو ويو آهي. هن ٻُڌايو ته هاڻوڪي ٻوڏ سان صحت جي ڪيترن ئي مرڪزن ۽ اسپتالن کي شديد نقصان پهتو، حڪومت صحت جي متاثر مرڪزن جي بحاليءَ ??اء?? پُرعزم آهي. ٻوڏ جي تباهه ڪارين بابت رپورٽ مطابق انهن مرڪزن جي تعمير ??اء?? 40294 ملين رپيا يعني 187.6 ملين ڊالر گهربل آهن. هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهيءَ دوران اين ڊي ايم اي 20 لک 44 هزارن کان وڌيڪ مڇردانيون، 7300 ه??ءِ جين ڪٽس، 200126 کاڌي جا پئڪيٽ، 18860 شروعاتي طبي امداد ??اء?? ڪٽس ۽ ٻئي سامان سميت زندگي بچائيندڙ 350 جيڪٽس به فراهم ڪيا آهن. ترڪيه ۽ شام جي زلزلي جي امداد ??اء?? اين ڊي ايم اي طرفان 7376 ٽن سامان جنهن ۾ خيما، گرم ڪپڙا، ??وراڪ ۽ دوائون فراهم ڪيون ويون.