اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چي?? آهي ته عمران خان کي ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو، پي ٽي آءِ عوامي ۽ رياستي ملڪيتن کي نقصان پهچايو، اهو عوامي ردعمل نه هو، منصوبابندي تحت ڪيو ويو، جيڪو قانون هٿ ۾ کڻند?? نه اهو پاڪستاني آهي ۽ نه ئي پاڪستان جو شهري آهي، عوامي ۽ رياستي ملڪيتن کي نقصان پهچائيندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته نيب القادر ٽرسٽ ڪيس جي جاچ ڪري رهيو هو، عمران خان کي ان ڪيس ۾ گهٽ ۾ گهٽ 15 نوٽيسز موڪليا ويا، هو ان ڪيس ۾ پيش نه ٿي رهيو هو. هن کي ان ڪيس ۾ جواب داخل ڪرڻو هو، عمران خان نيب کي گهربل هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ پنهنجي ڪارڪنن کي جلاءُ گهيراءُ جو ترغيب ڏيندا رهيا، پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن جيڪو ڪيو اهو سڄي ملڪ ڏٺو، ڇا اهو عوامي ردعمل هو؟ اهو منصوبابندي تحت ڪيو ويو. هن چي?? ته پي ٽي آءِ جا ماڻهو اڄ چون ٿا ته ڪالهه ??يڪو ٿيو اهو اسان ناهي ڪيو، انهن ڪالهه ڇ?? نه چي?? هو ته اهي اسان جا ماڻه?? نه آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته پي ٽي آءِ جا ماڻهو ڪالهه ??وامي ۽ رياستي ملڪيتن کي نقصان پهچائي رهيا ه??ا، ان جي ليڊرن انهن کي ڇ?? نه روڪيو، سياسي پارٽي اهڙو ردعمل ناهي ڏيندي. هن چي?? ته اسان جا ماڻهو به گرفتار ٿيا ه??ا، نواز شريف، مريم نواز، شهباز شريف، شاهد خاقان عباسي، راڻا ثناءُ الله، سعد رفيق سميت ڪيترائي اڳواڻ به گرفتار ٿيا ه??ا، شهباز شريف کي صاف پاڻي ڪيس ۾ گهرايو ويو هو ۽ آشيانا ۾ گرفتار ڪيو ويو، اسان ڪڏهن به اهڙو ردعمل نه ڏنو جيڪو پي ٽي آءِ عمران خان جي گرفتاري تي ڏنو آهي. هن چي?? ته ان کان اڳ جڏهن زمان پارڪ ۾ پوليس عمران خان کي گرفتار ڪرڻ وئي هئي ته پوليس وارن تي پيٽرول بمن سان حملا ڪيا ويا. هن چي?? ته پي ٽي آءِ جيڪو ڪري رهي آهي، اهو ملڪ گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڏسي رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ ان جو باقاعده ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايو ويو، ٻيون ايس او پيز به مڪمل ڪيون ويون. هن چي?? ته جيڪو قانون هٿ ۾ کڻندو اه?? نه پاڪستاني آهي ۽ نه ئي پاڪستان جو شهري آهي. گذريل ڏينهن سرڪاري عمارتن ۽ گهرن تي حملا ڪيا ويا، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائيندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ان ڳالهه کي برداشت نه ڪيو ويندو.