اسلام آباد -24 ??ئي (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال 9 ??ئي تي پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ رياستي عمارتن ۽ فوجي ملڪيتن تي حملن جي شديد مذمت ڪندي ان ڳالهه جو وچن ڪيو آهي ته انهن واقعن ?? ملوث ڪردارن خلاف نرمي نه ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد ”تڪريم شهيد ڪنوينشن“ کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب جو خاص مهمان وزيراعظم شهباز شريف هو جنهن ۾ شهيدن جي خاندانن، وزيرن، اڳوڻن فوجين، سفارتڪارن، سول سوسائٽي جي ڪارڪنن ۽ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. تقريب جو مقصد شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ ۽ 9 ??ئي جي حملن جي مذمت ڪرڻ هو جنهن ۾ وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي وفاقي وزير شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ متاثرن جي خاندانن سان يڪجهتي جو اظهار پڻ ڪيو. ان موقعي تي جذباتي منظر ڏسڻ ۾ آيا جڏهن متاثرن جي وارثن ??نه??جي شهيد پيارن جون تصويرون ڏسي ۽ کين ياد ڪندي روئي پيا جڏهن ته وفاقي وزير ذاتي طور تي انهن جي سيٽن تي ويو ۽ سوڳوار خاندانن سان ڏک ۾ شريڪ ٿيو ۽ همدردي جو پڻ اظهار ڪيو. وفاقي وزير واضح ڪيو ته 9 ??ئي تي فوجي ملڪيتن تي حملن ۾ ملوث ماڻهن سان ڪنهن به قسم جي نرمي نه ڪئي ويندي. هن چيو ته اهڙي طرح جي ??ير قانوني ۽ ??ير آئيني قدمن کي بلڪل برداشت نه ڪيو ويندو.