اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي چيو آهي ته آئيني حق ٽوئيٽر، ري??ي ۽ جلسن ۾ نه ٿو ملي، ثبوت کڻي ٿاڻي ۽ عدالت وڃو، ڪوڙا الزام هڻڻ، الزام بازي ڪرڻ نه ڪنهن جو قانوني حق آهي نه آئيني، شهبا?? شريف کان سوال پڇڻ کان اڳ عمران خان عوام کي پنهنجي سازشن جو جواب ڏي. عمران خان جي ??وئيٽ تي ردعمل جو اظهار ڪندي پنهنجي ??وئيٽ ۾ اطلاعات واري وزير چيو ته ٻهروپيا حق رڳو آئين ۽ قانون تحت آهي، هر شهري پنهنجي حقن جي تحفظ جو پورو قانوني حق رکي ٿو جنهن جي گهرج آهي ته ٿاڻي ۽ عدالت وڃي ۽ ثبوت فراهم ڪري، آئيني حق ٽوئيٽر، ري??ي ۽ جلسن ۾ نه ٿو ملي. هن چيو ته عمران خان 35 پنڪچر، 10 ارب، سائفر، آمريڪي سازش جهڙا الزام هنيا ۽ ثبوت فراهم نه ڪيا، جيڪڏهن ثبوت آهن ته عدالت ڇو نه ٿو وڃي؟ ڪوڙا الزام هڻڻ، الزام بازي ڪرڻ نه ڪنهن جو قانوني حق آهي نه آئيني۔ هن چيو ته جڏهن عمران خان تي قاتلاڻو حملو ٿيو ان وقت خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ ان جي ??نهنجي حڪومت ۽ وڏو وزير هو، ڇا اهي سازش ۾ شامل هئا?? عمران خان جي ڪوڙن تي هن ايف آءِ آر ڇو نه ڪاٽي؟ ڏوهارين کي ڇو نه پڪڙيو؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ميڊيا، جج، سياسي مخالفن جي ??تل جي توهان جي سازش بي نقاب ٿيڻ تي ٻين تي پنهنجي ??تل جو الزام هنيو، واهه. هن چيو ته جيڪو الزام ٻين تي هنيو، ڏوهاري پاڻ نڪتو، ٻين کي چور ڦورو چيو ۽ پاڻ ڌاڙيل ثابت ٿيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مخالفن، صحافين، جج، وڪيلن جي ??تل جي توهان جي سازش پڪڙي وئي ته هاڻي ٻين تي پنهنجي ??تل جا الزام هڻي رهيا آهيو. هن چيو ته پاناما ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ تي شهبا?? شريف جي ڪيس ۾ 6 سالن کان توهان عدالت مان فرار آهيو. شهبا?? شريف کان سوال پڇڻ کان اڳ عوام کي پنهنجي سازشن جو جواب ڏيو. هن چيو ته عدت ۾ شادي، ٻارڙي جي ??الد هجڻ جو الزام هڻڻ جو انتظار باقي آهي.