اسلام آباد – 31 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب ام??رات جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان گڏيل عرب ام??رات سان واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند ??هي. اهڙن خيالن جو اظهار هن حيات بائيو ٽيڪ جي چيئرمين ۽ گڏيل عرب ام??رات جي حڪمران خاندان جي ميمبر شيخ احمد دلموڪ المڪتوم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن هڪ وفد سان گڏ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب ام??رات جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان گڏيل عرب ام??رات سان واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند ??هي. وزيراعظم حيات بائيو ٽيڪ پاران پاڪستان جي فارماسيوٽيڪل سيڪٽر خاص طور تي ويڪسين جي تياري ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جي آجيان ڪئي. هن دورو ڪندڙ وفد کي قابل تجديد ??وانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي ترغيب پڻ ڏني ۽ يقين ڏياريو ته غيرملڪي سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت ف??اه?? ڪئي ويندي. شيخ احمد دلموڪ المڪتوم چيو ته هو پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي وسيع موقعن کان آگاهه ??هي. هن چيو ته گڏيل عرب ام??رات توانائي ۽ صحت جي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وسعت ڏيڻ چاهي ٿو. هن پاڪستان ۾ گڏيل عرب ام??رات جي سيڙپڪاري جي پورٽ فوليو کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. معزز مهمان وزيراعظم کي سنڌ حڪومت جي تعاون سان شروع ڪيل 1200 ميگاواٽ جي پاور پلانٽ منصوبي بابت پڻ ٻڌايو جيڪو شمسي ۽ هوا سان توانائي جو هڪ هائبرڊ پاور پلانٽ هوندو. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار، نيشنل هيلٿ سروسز وارو وفاقي وزير عبدالقادر ??ٽيل، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل سرڪاري ادارن جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.