اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف ڪينيا سان پاڪستان جي تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ڀرپور خواهش جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز ش??يف ڪينيا جي صدر ڊاڪٽر وليم ر??ٽو کي ٽيليفون ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آفريقا سان لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪندي وزيراعظم تعاون جي سمورن شعبن ۾ ڪينيا سان پنهنجي تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي ڀرپور خواهش جو اظهار ڪيو. ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم ڪينيا ۾ قتل ٿيندڙ ناليواري پاڪستاني صحافي مرحوم ارشد شريف جو معاملو اٿا??يو. وزيراعظم پاڪستاني جاچ ٽيمن کي هيستائين فراهم ڪيل تعاون تي ڪينيا جي صدر جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان مرحوم ارشد شريف جي ڪيس کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. وزيراعظم ڪينيا پاران جاچ دوران وڌيڪ تعاون جي درخواست ڪئي. ڪينيا جي صدر وزيراعظم کي ان معاملي ۾ مڪمل حمايت ۽ تعاون جو يقين ڏيا??يو.