اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حن?? رباني کر انٽرنيشنل آرگنائيزيشن فار ميڊي ايشن جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو ??ظهار ڪندي گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن موجب پرامن طريقن سان عالمي تڪرارن جي پرامن حل جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو آهي. هن انٽرنيشنل آرگنائيزيشن فار ميڊي ايشن جي پريپريٽري آفيس جي افتتاحي تقريب ۾ وڊيو پيغام ذريعي خطاب ڪيو. چين ۾ پاڪستان جي سفير معين الحق پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير سمورين ڌرين کي آفيس کولڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ انٽرنيشنل آرگنائيزيشن فار ميڊي ايشن جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت کي ورجايو. هن گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن موجب پرامن طريقن سان عالمي تڪرارن جي پرامن حل جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي پڻ ورجايو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ترقي عالمي برادري جو گڏيل مقصد آهي، ان جي باوجود حل نه ٿيندڙ ڪشمير مس??لي جهڙا عالمي تڪرار ترقي جي عمل ک?? متاثر ڪن ٿا ۽ غربت جو ??بب بڻجندا رهن ٿا. هن چيو ته سڀ کان وڏي اسرندڙ ملڪ ۽ پائيدار ترقي جي حصيدار طور چين جو ??وام جي ضرورتن کي بهتر طريقي سان پورو ڪرڻ جي لاءِ عالمي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته انٽرنيشنل آرگنائيزيشن فار ميڊي ايشن عالمي تڪرارن جي فوري ۽ گهٽ لاڳت حل جي راهه هموار ڪندي.