اسلام آباد– 26 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر 30 جنوري تي جنيوا ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندي. اها ڳا??هه پرڏيهي آفيس جي ??رج??ان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ دوران ٻڌائي. هن چيو ته مملڪتي وزير انساني حقن واري ڪائونسل ۾ يونيورسل پيرياڊڪ ريويو جي عمل تحت پاڪستان جي قو??ي ترقي جي رپورٽ پيش ڪندي. اهو پاڪستان جو چوٿون جائزو هوندو، ان کان اڳ 2008ع، 2012ع ۽ 2017ع ۾ ??ن عمل تحت پاڪستان جو جائزو ورتو ويو آهي. ??رج??ان چيو ته مملڪتي وزير پنهنجي پريزينٽيشن ۾ پاڪستا?? پاران گذريل 5 سالن ۾ انساني حقن جي تحفظ لاءِ ڪيل قانوني، پاليسي، انتظامي ۽ اداراجاتي قدمن جو خاڪو پيش ڪندي. ان کانسواءِ هوءَ عالمي انساني حقن جي حوالي سا?? پاڪستان جي اهم حصيداري کي به اجاگر ڪندي. اها ڳا??هه ذڪر جوڳي آهي ته يونيورسل پيرياڊڪ ريويو 2007ع ۾ قائم ڪيو ويو جيڪو انساني حقن واري ڪائونسل جو هڪ اهم طريقيڪار آهي جنهن تحت گڏيل قومن جي سڀني ميمبر ملڪن جي انساني حقن جي رڪارڊ جو هر چئن کان پنجن سالن کانپوءِ جائزو ورتو وڃي ٿو.