اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ متحد آهي، شهيدن جي ملڪ کي دهشتگردي کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ ڏني ويندڙ قربانيون اد رکيون وينديون، شهيدن جي قربانين جي ڪر?? اس??ن دهشتگردي کان مڪمل ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺنداسين. ايوان ??در جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ??در ڊاڪٽر عارف علوي 23 ڊسمبر تي آئي ٽين، اسلام آباد ۾ خودڪش ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس جي هيڊ ڪانسٽيبل سيد عديل حسنين جي گهرڀاتين سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ شهيد جي گهرڀاتين کي حڪومت پاران هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. هن 25 ڊسمبر تي ڪو??لو?? بلوچستان ۾ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان پڻ ٽيليفون تي افسوس جو اظهار ڪيو. ??در ڊاڪٽر عارف علوي ڪيپٽن محمد فهد خان ۽ سپاهي اصغرالدين جي پونئيرن سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن سپاهي محمد شمعون ۽ لانس نائيڪ محمد امتياز جي وارثن سان پڻ تعزيت جو اظهار ڪيو. ??در شهيدن کي انهن جي بهادري، فرض شناسي ۽ قوم جي لاءِ قرباني تي خراج تحسين پيش ڪيو. ??در شهيدن جي خاندانن جي وطن جي لاءِ قرباني جي جذبي کي پڻ ساراهيو. ??در سمورن شهيدن کي وطن جي لاءِ خدمتن ۽ جان جي قرباني پيش ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو. ??در چيو ته شهيدن جي ملڪ کي دهشتگردي کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ ڏني ويندڙ قربانيون ياد رکيون وينديون، پوري قوم دهستگردي جي خلاف جنگ ۾ متحد آهي، شهيدن جي قربانين جي ڪر?? اس??ن دهشتگردي کان مڪمل ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺنداسين. ??در پونئيرن س??ن دلي همدردي جو اظهار ڪيو ۽ صبر جميل جي پڻ دعا ڪئي.