اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پا??ست??ن سنگاپور سان ٻطرفي ۽ آسيان جي ڏس ۾ پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، سنگاپور ۽ پا??ست??ن جي وچ ۾ واپار ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جا تمام گهڻا امڪان موجود آهن، ٻنهي طرفن جي ڪاروباري ماڻهن کي تعاون جا موقعا پيدا ڪرڻ جاري رک?? گهرجي، پا??ست??ن آسيان جو سڀ کان پراڻو سيڪٽرل ڊائيلاگ پارٽنر آهي ۽ هو آسيان سان مڪمل ڊائيلاگ پارٽنرشپ کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو، پا??ست??ن ۾ آن لائين واپار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، پا??ست??ن جي اي ڪامرس مارڪيٽ سان 2022ع ۾ 7.67 ارب ڊالر جي آمدني متوقع آهي، سنگاپور ۽ ٻيا آسيان ملڪ آءِ ٽي سان لاڳاپيل ڪيترين ئي سرگرمين ۽ مالياتي خدمتن کي آئوٽ سورس ڪن ٿا ۽ اهي اسان جي نوجوانن جي صلاحيتن مان تمام گهڻو فائدو کڻي سگهن ٿا. پرڏيهي وزير سنگاپور جي دوري جي موقعي تي اسٽريٽس ٽائيمز کي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ چيو ته سنگاپور جي آزادي جي فوري پوءِ پا??ست??ن ان کي تسليم ڪندڙ اولين ملڪن ۾ شامل هو ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندر پا??ست??ني ڪميونٽي شروعاتي سالن ۾ سنگاپور جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ??يو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي قيادت ماضي ۾ اعليٰ سطح جي دورن جي مٽاسٽا ڪئي آهي، سنگاپور جي وزيراعظم لي ڪوان يو 1988ع ۽ 1992ع ۾ پا??ست??ن جو دورو ??يو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سندس والده شهيد محترمه بينظير ڀٽو 1995ع ۾ پا??ست??ن جي وزيراعظم جي حيثيت سان سنگاپور جو دورو ??يو. هن چيو ته وقت سان گڏوگڏ ٻنهي ملڪن پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن جي رفتار وڃائي ڇڏي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو پا??ست??ن ۽ سنگاپور جي ٻطرفن لاڳاپن جي بحالي ۽ ٻطرفي مٽاسٽا کي تيز ڪرڻ جي لاءِ سنگاپور جو دورو ڪري رهيو آهي، پا??ست??ن سنگاپور سان گڏيل لاڳاپن کي سمورن رخن ۾ مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند اهي، ٻنهي طرفن جي ڪاروباري ماڻهن کي تعاون جا موقعا پيدا ڪرڻ جاري رک?? گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته هڪ نوجوان سياسي اڳواڻ طور آئون اهو محسوس ڪريان ٿو ته دنيا کي پا??ست??ن بابت پراڻي دقيانوسي راءِ کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي، دنيا جي لاءِ پا??ست??ن ۾ ڪيترائي موقعا موجود آهن جن جي لاءِ پهريون قدم پا??ست??ن جي خلاف ٽريول ايڊوائيزري کي ختم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته دنيا کي هڪ اميد ڀريل اڀرندڙ مارڪيٽ طور تي اسان کي وڌيڪ معروضي طور تي ڏسڻ جي ضرورت آهي، پا??ست??ن جي 220 ملي?? آبادي مان 114 ملي?? آبادي 25 سالن کان گهٽ عمر جي نوجوانن تي ٻڌل آهي. پا??ست??ن ۾ آن لائين واپار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، 2021ع ۾ پا??ست??ن اي ڪامرس مارڪيٽ ۾ 45 سيڪڙو اضافو ٿيو. هن چيو ته جرمن ريسرچ فرم سنيسڪا موجب پا??ست??ن جي اي ڪامرس مارڪيٽ سان 2022ع ۾ 7.67 ارب ڊلر جي آمدني متوقع آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پا??ست??ن ۾ ڪيترائي فري لانسرز آءِ ٽي، ٽيڪام، اي ڪامرس، ڊيٽا ايناليٽڪس، مالياتي خدمت??، موسيقي ۽ صحت ۾ خدمتون فراهم ڪري رهيا آهن، سنگاپور ۽ ٻيا آسيان ملڪ آءِ ٽي سان لاڳاپيل ڪيترين ئي سرگرمين ۽ مالياتي خدمتن کي آئوٽ سورس ڪن ٿا ۽ اهي اسان جي نوجوانن جي صلاحيتن مان تمام گهڻو فائدو کڻي سگهن ٿا.