اسلام آباد-10 نومبر (اي پي پي) ما??ولياتي تبديليءَ بابت وفاقي وزير ۽ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ت?? دنيا کي ما??ولياتي تبديلي جي حوالي سان پيش ايندڙ بحران کي مُنهن ڏيڻ لاءِ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ جي عزم جو ارادو ڪرڻو پوندو، هاڻ وقت اچ?? ويو آهي ت?? ڪلائمينٽ فائنانس بابت ٽائمز لائنز مقرر ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن شرم الشيخ ۾ ڪاپ 27 ۾ پاڪستان پويلين ۾ ”دي لاسٽ اينڊ ڊي ڊيميجڊ“ جي عوام سان سيشن ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته دنيا کي ما??ولياتي تبديلي جي حوالي سان پيش ايندڙ بحران کي مُنهن ڏيڻ لاءِ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ جي عزم جو ارادو ڪرڻو پوندو، ڪاپ 27 ۾ يقيني بڻائڻو پوندو ته ما??ولياتي تبديلي سان نقصان جو ازالو اڻٽر آهي. وفاقي وزير چيو ته اسان عالمي پليٽ فارم تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ڇاڪاڻ ته هر ملڪ کي ويٽو جو حق حاصل آهي، اسان جو مطالبو آهي ت?? گلوبل نارٿ گلوبل سائوٿ کان اڳيان وڌي فوري قدمن جو تعين ڪريون جيڪو ما??ولياتي خطرن کي نئين فرنٽ لائن جي چائنٺ تي آهي، هاڻ وقت اچ?? ويو آهي ت?? دنيا پنهنجي عملي قدمن کي يقيني بڻائي.