اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ اقتصادي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي قيادت ۽ وسيع تر عوامي اداراجاتي رابطن جي فروغ تمام اهم آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار جمهوريه مصر جي سفير طارق محمد دهروج سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان مصر لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ مصر ۾ ايندڙ مهيني ڪوپ – 27 ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي معاملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مصر ج?? صدر عبدالفتاح السيسي سان ٽيليفون تي پنهنجي ڳالهه ٻولهه جو ذڪر ڪندي وزيرا??ظم پاڪستان ۾ ماحولياتي تبديلين جي ڪري تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان پيدا ٿيندڙ صورتحال تي مصر جي حمايت ۽ يڪجهتي جي اظهار کي ساراهيو. وزيرا??ظم مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ ڪوپ – 27 ڪانفرنس جي ميزباني تي مصر جي حڪومت کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هو ماحولياتي تبديلي ۽ ڪمزور طبقن ??ابت اعليٰ سطحي گول ميز ڪانفرنس جي گڏ??ل صدارت سميت فعال شرڪت جو منتظر آهي. پاڪستان ڪوپ – 27 ڪانفرنس ۾ گروپ 77 ۽ چين جي نمائندگي به ڪندو. وزيرا??ظم پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ اقتصادي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ ۽ ٻطرفي قيادت، عوام سان عوام ۽ اداراجاتي رابطن کي سگهه ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ گڏ??ل قدرن ۽ نقطه نظر تي ٻڌل ويجها ۽ خوشگوار لاڳاپا آهن. ٻئي ملڪ ٻطرفن ۽ گڏ??ل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪ ٻئي سان ويجهو تعاون ڪن ٿا.